تاريخ جي جهروڪن ۾ جهاتي پائڻ سان معلوم ٿيندو ته سنڌ جداگانه سڃاڻپ سان موجود رهي آهي۔ هن ڌرتيءَ تي مختلف قومون، ٻوليون ۽ مذهب آيا، رهيا ۽ هن ڌرتيءَ جي مزاج ۾ رچي ملي ويا، پر سنڌ جي وحدت نه ٽٽي۔ برطانوي دور ۾ جڏهن انتظامي سهولتن جي نالي تي سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي سان ملائي ڇڏيو ، تڏهن به سنڌي شعور ان فيصلي کي دل سان قبول نه ڪيو۔ 1936ع ۾ جڏهن سنڌ کي بمبئي کان عليحده صوبو بڻايو ويو، ته اهو فيصلو محض ڪاغذي نه پر عوامي خواهشن جو عڪس هو۔ اهو ثابت ڪري ٿو ته سنڌ جي وحدت ڪا اتفاقي ڳالهه نه، پر جدوجهد سان حاصل ڪيل حقيقت آهي۔
ڪراچي ان ئي سنڌ جو دل آهي۔ ڪلاچي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ کان وٺي اڄ جي ميگا سٽي تائين جو سفر يقينن وڏو آهي، پر ان سفر دوران به ان جي بنيادي سڃاڻپ تبديل نه ٿي۔ بندرگاهه طور هن شهر جي اهميت صدين کان رهي آهي۔ واپارين جا جهاز هتي لنگر انداز ٿيندا هئا، مسافر هتان لنگهندا هئا، ثقافتون ملنديون هيون، پر ان سڀ ڪجهه جي باوجود ڪراچي پنهنجي جاگرافيائي ۽ ثقافتي طور سنڌ سان ڳنڍيل رهيو۔ قيام پاڪستان کان پوءِ جڏهن ڪراچي کي عارضي طور گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو، تڏهن به ان جي آئيني حيثيت سنڌ کان الڳ نه ٿي۔ ڪجهه عرصي لاءِ وفاقي راڄڌاني جو درجو ڏيڻ سان ڪنهن به شهر جي تاريخي وابستگي ختم نه ٿيندي آهي۔
اڄ جڏهن ڪراچي بابت الڳ صوبي يا انتظامي ورهاڱي جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون، تڏهن سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر ان بحث جو بنياد ڇا آهي؟ ڇا واقعي مسئلن جو حل ورهاڱي ۾ آهي يا مسئلن کي سياسي رنگ ڏئي پنهنجي سياست کي زنده رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي؟ ڪراچي ۾ بيشڪ مسئلا آهن پاڻي جي کوٽ، نيڪال جو نظام، ٽرانسپورٽ جي اڻهوند، آباديءَ جو دٻاءُ، بيروزگاري، صفائيءَ جا مسئلا پر اهي مسئلا ڪنهن به وڏي شهر ۾ ٿي سگهن ٿا۔ دنيا جي وڏن شهرن ۾ به انتظامي چئلينجز هوندا آهن، پر انهن جو حل شهر کي ڌار ڪرڻ ۾ نه پر بهتر حڪمراني ۾ ڳوليو ويندو آهي۔ سنڌ جي شهري ۽ ٻهراڙي علائقن جي وچ ۾ جيڪو فرق ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ان کي به سياسي بيانيي جو حصو بڻايو ويندو آهي۔ حقيقت اها آهي ته ترقيءَ جي ورهاست ۾ عدم توازن صرف سنڌ جو مسئلو ناهي، ملڪ جي ٻين صوبن ۾ به اهڙا فرق موجود آهن۔ پر ان جو حل اهو ناهي ته هر علائقي کي الڳ انتظامي يونٽ بڻايو وڃي۔ جيڪڏهن اهو منطق قبول ڪيو وڃي ته پوءِ هر وڏو شهر پنهنجي الڳ صوبي جو مطالبو ڪري سگهي ٿو، جنهن سان وفاقي ڍانچو ڪمزور ٿيندو۔
هتي حڪمران جماعت جي ذميواري آهي ته جيڪڏهن عوام ۾ احساسِ محرومي پيدا ٿيو آهي ته ان جو سنجيده جائزو وٺڻ گهرجي۔ مڪاني حڪومتن کي حقيقي اختيار ڏيڻ، مالي وسيلن جي منصفاڻي ورهاست ڪرڻ، شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ احتساب جو موثر نظام قائم ڪرڻ سان ڪيترائي خدشا پاڻمرادو ختم ٿي سگهن ٿا۔ جڏهن ماڻهو پنهنجي مسئلن جو حل پنهنجي چونڊيل نمائندن وسيلي پنهنجي علائقي ۾ ڏسندا، تڏهن ورهاست جا نعرا بي اثر ٿي ويندا۔ بدقسمتي سان اسان وٽ مڪاني ادارا گهڻو ڪري اختيارن کان محروم رهندا آهن، جنهن سان مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتن تي بار وڌي ويندو آهي ۽ مقامي مسئلا حل ٿيڻ بدران وڌندا رهندا آهن۔ ڪراچي جي گهڻ ثقافتي آبادي کي به ڪجهه حلقا سياسي اوزار طور استعمال ڪندا آهن۔ چيو ويندو آهي ته شهر ۾ مختلف ٻولين ۽ نسلن جا ماڻهو رهن ٿا، تنهن ڪري ان کي الڳ حيثيت ملڻ گهرجي۔ پر ڇا گهڻ ثقافتي هجڻ ڪنهن شهر کي پنهنجي صوبي کان ڌار ڪرڻ جو جواز بڻجي سگهي ٿو؟ جيڪڏهن اهو معيار بڻايو وڃي ته پوءِ دنيا جا ڪيترائي شهر پنهنجي ملڪن کان الڳ ٿي وڃن۔ اصل ڳالهه اها آهي ته ڪراچي سنڌ جو حصو هجڻ سان گڏ پاڪستان جو به اهم ترين شهر آهي، جتي هر صوبي، هر ٻولي ۽ هر برادري جا ماڻهو رهن ٿا۔
1973ع جو آئين واضح طور صوبن جي حدن بابت طريقيڪار بيان ڪري ٿو۔ ڪنهن به صوبي جي حدن ۾ تبديلي لاءِ لاڳاپيل صوبائي اسيمبليءَ جي منظوري ضروري آهي۔ اهو طريقيڪار ان ڪري رکيو ويو آهي ته وفاقي ڍانچي کي استحڪام ملي ۽ سياسي جذبات جي بنياد تي فيصلا نه ڪيا وڃن۔ جيڪڏهن هر سياسي اختلاف يا انتظامي ناڪامي جو حل نئون صوبو بڻائڻ هجي ته پوءِ ملڪ ۾ انتظامي افراتفري پيدا ٿي سگهي ٿي۔ وفاق جي طاقت ان جي وحدت ۽ گڏيل اعتماد ۾ آهي۔ ڪجهه سياسي ڌريون جڏهن به ڪمزور ٿينديون آهن ته هو جذباتي مسئلا اڀارينديون آهن۔ الڳ صوبي جو نعرو به گهڻو ڪري اهڙي سياست جو نتيجو هوندو آهي، جنهن وٽ عوامي خدمت جو مضبوط رڪارڊ نه هجي۔ جيڪڏهن شهري مسئلن جو حل پيش ڪرڻ بدران ورهاست جي ڳالهه ڪئي وڃي ته ان سان مسئلا حل ٿيڻ بدران وڌيڪ پيچيده ٿي سگهن ٿا۔ ماڻهن کي روزگار، تعليم، صحت ۽ امن کپي. انتظامي لڪيرن جي تبديلي انهن ضرورتن کي فوري طور پورو نٿي ڪري سگهي۔ ساڳئي وقت، سنڌ حڪومت کي به پاڻ تي تنقيد برداشت ڪرڻي پوندي۔ جيڪڏهن ڪراچي جا ماڻهو پاڻ کي محروم محسوس ڪن ٿا ته ان احساس کي رد ڪرڻ بدران ان جو حل ڳولڻ گهرجي۔ ترقياتي منصوبن ۾ شفافيت، فنڊن جي منصفاڻي ورهاست ۽ شهري سهولتن جي بهتري سان اعتماد بحال ٿي سگهي ٿو۔
ڪراچي جي اهميت کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي۔ هي پاڪستان جي معيشت جو مرڪز آهي، جتي ملڪ جي وڏي حصي جو واپار ۽ صنعت قائم آهي۔ بندرگاهه، اسٽاڪ ايڪسچينج، ڪاروباري مرڪز ۽ تعليمي ادارا هن شهر کي قومي سطح تي نمايان ڪن ٿا۔ پر ان اهميت جو مطلب اهو ناهي ته ان کي پنهنجي صوبي کان ڌار ڪيو وڃي۔ دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا شهر آهن جيڪي پنهنجي ملڪ جي معيشت جو وڏو حصو سنڀالين ٿا، پر هو پنهنجي تاريخي ۽ انتظامي وحدت سان جڙيل رهن ٿا۔
سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيل ٺهراءُ ان ڪري اهم آهي جو اهو نه صرف آئيني موقف کي ورجائي ٿو، پر عوامي جذبات جي ترجماني به ڪري ٿي۔ اهو ٺهراءُ هڪ پيغام آهي ته سنڌ جي وحدت تي ڪو سودو نه ٿيندو۔ پر ان سان گڏ اها ذميواري به عائد ٿئي ٿي ته حڪومت شهري مسئلن کي سنجيدگي سان حل ڪري۔ جيڪڏهن ترقيءَ جو ڦيٿو رڪجي ويو ته بيچيني وڌندي ۽ بيچيني سياسي بيانين کي طاقت ڏيندي۔ اسان کي اهو به ياد رکڻو پوندو ته پاڪستان هڪ وفاقي ملڪ آهي، جتي صوبن جي سڃاڻپ ۽ اختيارن جو احترام ضروري آهي۔ جيڪڏهن ڪنهن صوبي کي پنهنجي گاديءَ واري شهر کان محروم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اهو وفاقي توازن کي متاثر ڪندو۔ سنڌ جي وحدت پاڪستان جي وحدت سان ڳنڍيل آهي۔ جيڪڏهن سنڌ مضبوط هوندي ته پاڪستان مضبوط هوندو۔ ان سڄي بحث مان هڪ ڳالهه واضح آهي ته ڪراچي کي الڳ ڪرڻ جو خيال نه تاريخي بنيادن تي مضبوط آهي، نه آئيني لحاظ کان آسان ۽ نه ئي عملي طور مسئلن جو حل آهي۔ اصل ضرورت اختيارن جي هيٺين سطح تي منتقلي جي آهي۔ جڏهن حڪومت ۽ سياسي ڌريون پنهنجي ترجيحن کي درست ڪنديون، تڏهن عوام جو اعتماد بحال ٿيندو۔