شاگرد يونين جي بحالي، وقت جي اهم ضرورت

تحرير: پروفيسر توصيف احمد

شاگرد يونين تي پابندي لڳي اٽڪل 42 سال گذري چڪا آهن۔ هڪ آمر شاگرد يونين جي اداري تي پابندي هنئي۔ جمهوري حڪومتون به پنهنجي منشور موجب اها پابندي ختم نه ڪري سگهيون۔ انساني حقن جي تحفظ لاءِ عالمي راءِ عامه هموار ڪندڙ تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل پاڪستان ۾ شاگرد يونين تي لڳل پابندي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي پاڪستاني شاگردن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي۔ ايمنسٽي انٽرنيشنل 42 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته شاگرد يونين تي پابندي سبب لکين شاگردن جا حق معطل آهن۔ اها پابندي گڏيل قومن جي انساني حقن جي عالمي منشور جي آرٽيڪل 23 ۽ اظهارِ راءِ بابت آرٽيڪل 19 جي به خلاف ورزي آهي۔

جنرل ضياءُ الحق 5 جولاءِ 1977ع تي اقتدار سنڀاليو ۽ 1973ع جو آئين معطل ڪري ڇڏيو، جنهن سان بنيادي حق به ختم ٿي ويا۔ سندس سامهون سڀ کان وڏو چئلينج پاڪستان پيپلز پارٽي، کاٻي ڌر جون جماعتون، مزدور تنظيمون، شاگرد يونينون، صحافي، اديب ۽ دانشور هئا۔ ان دور ۾ چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي عدالتي فيصلي ذريعي ڦاسي ڏني وئي۔ پيپلز پارٽي ۽ کاٻي ڌر جي ڪارڪنن کي جيلن ۾ وڌو ويو۔ جڏهن شاگرد يونين تي پابندي لڳي ته ساڄي ۽ کاٻي ڌر جي سڀني شاگرد تنظيمن گڏجي مهم هلائي، پر تحريڪ عروج تي هئي ته جماعت اسلامي ان کان الڳ ٿي وئي۔

1988ع جي چونڊن کان پوءِ بينظير ڀٽو جي اڳواڻي ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم ٿي، پر شاگرد يونين بحال نه ٿي سگهي۔ اسلامي جمعيت طلبه جي هڪ اڳواڻ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ڏني، پر عدالت عارضي حڪم سان پابندي برقرار رکي۔ 2008ع ۾ ٻيهر پيپلز پارٽي حڪومت آئي ۽ يوسف رضا گيلاني وزيراعظم بڻيو۔ هن پنهنجي پهرين تقرير ۾ شاگرد يونين بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو، پر اهو اعلان عملي جامو نه پائي سگهيو۔

2013ع ۾ رضا رباني سينيٽ چيئرمين چونڊيو ويو ۽ مير حاصل بزنجو شاگرد يونين تان پابندي ختم ڪرڻ جي قرارداد پيش ڪئي۔ اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس افضل طحهٰ جو فيصلو پڙهي ٻڌايو، جنهن مطابق 1990ع ۾ ڪجهه شرطن سان پابندي ختم ڪئي وئي هئي۔ سينيٽ قرارداد منظور ڪئي۔ هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ ڪارڪن بصير نويد صدر ممنون حسين کي درخواست موڪلي۔ قانون واري وزارت ٻڌايو ته پابندي مارشل لا ضابطن هيٺ هئي ۽ مارشل لا ختم ٿيڻ سان پابندي به ختم ٿي چڪي آهي، پر عملي طور چونڊون نه ٿيون ٿيون۔

2017ع ۾ ترقي پسند شاگردن پروگريسو اسٽوڊنٽس ڪليڪٽو جي نالي سان گڏيل محاذ ٺاهيو۔ 1 مارچ 2018ع تي ملتان ۾ پرامن مارچ ٿيو۔ 1 مارچ 2019ع تي سڄي ملڪ ۾ احتجاج ٿيو۔ ان وقت جي وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ ذريعي بحالي جو اظهار ڪيو۔ بلاول ڀٽو زرداري اعلان ڪيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ قانون سازي ٿيندي۔

سنڌ اسيمبلي تعليم بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي صلاح مشوري سان قانون تيار ڪيو ۽ منظور ڪيو، پر عملدرآمد نه ٿيو۔ جڏهن قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس بڻيو ته قائداعظم يونيورسٽي ۾ چونڊن جو فيصلو ٿيو، پر عملي شڪل نه وٺي سگهيو۔ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي اڳوڻي اڳواڻ ۽ سينيٽر مسرور احسن بار بار بحالي جو مطالبو ڪيو۔ لاهور ۾ شاگردن پنجاب اسيمبلي اڳيان مظاهرو ڪيو۔ برطانوي دور ۾ هندستان جي يونيورسٽين ۾ شاگرد يونين چونڊجنديون هيون۔ علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي ۾ هر سال چونڊون ٿينديون هيون ۽ انهن اڳواڻن آل انڊيا مسلم ليگ جي پيغام کي عام ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو۔

1953ع ۾ ڪراچي ۾ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي اميدوارن ڪاميابي ماڻي ۽ تعليم ۽ فيسن ۾ گهٽتائي لاءِ تحريڪ هلائي۔ خواجه ناظم الدين حڪومت مطالبا مڃيا۔ نوان ڪاليج ٺهيا، فيسون گهٽيون ۽ بس ڪرائي ۾ رعايت ملي۔ 1963ع ۾ شاگردن کي سڌي ريت ووٽ جو حق مليو۔ معروف صحافي حسين نقي ڪراچي يونيورسٽي ۾ صدر چونڊيا ويا، پر وائيس چانسلر ڊاڪٽر اشتياق حسين قريشي کين يونيورسٽي مان برطرف ڪيو۔ ابلاغيات جي استاد ڊاڪٽر سعيد مسعود عثماني جو چوڻ آهي ته نوجوانن جي تربيت لاءِ شاگرد يونين ضروري آهي۔ شاگرد فتح ۽ شڪست برداشت ڪرڻ سکندا آهن، قانون تحت سرگرمين کي منظم ڪرڻ جي تربيت وٺندا آهن ۽ سياسي شعور پيدا ٿيندو آهي۔ شاگرد يونين جمهوري نظام جو پهريون ڏاڪو آهي۔ ملڪ جي قيادت ۾ ڪيترائي اڳواڻ اهڙا رهيا آهن، جيڪي شاگرد يونين جي تجربي مان گذريا آهن، ۽ اهي جمهوري روايتن کي وڌيڪ بهتر نموني اڳتي وڌائيندا آهن۔ شاگرد يونين جي بحالي سان جمهوري نظام وڌيڪ مضبوط ٿيندو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.