ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ لاءِ احتجاجي ريليون، مظاهرا ۽ تقريبون ڪوٺايون ويون. سنڌي ادبي سنگت، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي ۽ ٻين سياسي، سماجي تنظيمن جي سڏ تي لکي غلام شاهه، نوشهرو فيروز، حيدرآباد، سانگهڙ، مڪلي، ڪڪڙ، ملير، جوهي، سيوهڻ، سکر، دولتپور صفن، ٽنڊو محمد خان، لاڙڪاڻو، سڪرنڊ ۽ ٻين شهرن ۾ ڪارڪنن پريس ڪلبن آڏو ريليون ڪڍي زوردار نعريبازي ڪئي. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌي ٻولي قديم، شاهوڪار ۽ تهذيبي سڃاڻپ رکندڙ ٻولي آهي، جنهن کي آئيني طور قومي حيثيت ملڻ گهرجي. هنن مطالبو ڪيو ته ملڪ جي سڀني مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي ۽ سنڌي ٻولي کي سرڪاري دفترن، تعليمي ادارن ۽ نصاب ۾ لازمي طور لاڳو ڪيو وڃي. اڳواڻن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ڪيترن هنڌن تي قراردادون پڻ منظور ڪري وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کان فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
-
سنڌي ٻولي ۽ وحدت تي حملو ڪندڙ ناڪام ٿيندا
حيدرآباد(رپورٽر) ٻولين جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري پاران “گهڻ لساني سکيا لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال، مسئلا ۽ موقعا” جي موضوع هيٺ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي،جنهن جي صدارت ناليواري اديب ۽ ڪهاڻيڪار مدد علي سنڌي ڪئي، جڏهن صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ڪانفرنس جي صدارت ڪندي ناليواري ليکڪ مدد علي سنڌي چيو ته اڄوڪي ڏينهن جي وڏي تاريخي اهميت آهي، بنگالي ٻولي جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ شاگردن جي وڏي قرباني آهي، اهڙي قرباني هنن 1952 ۾ ڏني ۽ پوءِ گڏيل قومن 1997 ۾ هن ڏينهن کي ٻولين جي عالمي ڏينهن طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته جڏهن ادارا نه هئا، تڏهن به سنڌي ٻوليءَ سلامت هئي، سنڌ تي هزارين حملا ٿيا، ان باوجود سنڌ، سنڌي ماڻهو ۽ سنڌي ٻوليءَ قائم آهن، اسان وٽ موهن جي دڙي ۽ شاھ لطيف جهڙا ورثا موجود آهن ته سنڌي ٻوليءَ سلامت رهندي، خانگي ادارن ۾ سنڌي نٿي پڙهائي وڃي، ان لاءِ سختيءَ سان عمل ڪرائڻ جي ضرورت آهي. صوبائي وزير سيد ذوالفقار شاهه خطاب ڪندي چيو ته دنيا ۾ 7 هزار کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، ٻولي اٿارٽي جو ڪم سنڌي ٻولي کي محفوظ بنائڻ آھي، دنيا کي ٻڌائڻو پوندو ته سنڌي پرامن آھن. ھن چيو ته اڄ سنڌ کي ورهائڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آھن، سنڌ ۽ سنڌي ٻولي تي حملي جون سازشون ناڪام بڻايون وينديون، سازشي عنصرن کي شڪست نصيب ٿيندي. هن چيو ته سنڌي ٻولي ڪانفرنسون اسلام آباد، دبئي سميت ٻين ملڪن ۾ به ڪرائڻ گهرجن. ٻولي اٿارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر شير مهراڻي چيو ته يو اين او چوي ٿي ته وڌيڪ ٻوليون سکڻ گهرجن پر پنهنجي ٻولي کي اهميت ڏيڻ گهرجي، ٻولي خاص نه عام بچائيندا آهيون، عظيم ٻوليون ئي پاڻ ۾ تبديليون آڻينديون آهن. جيئن سنڌي هڪ ارتقا جي مرحلي مان گذري اڄ موجود آهي. ناليواري دانشور انعام شيخ چيو ته سنڌي ٻولي کي سڀ کان وڏو خطرو غيرفطري ۽ غير لاڳاپيل لفظ ڳالهائڻ آهن، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي ٻولي جو بگار وڌي ويو آهي، يونيورسٽين ۾ سنڌي ۾ پيپر يا ٿيسز لکڻ وارو عمل ختم ڪيو ويو آهي. نامياري دانشور جامي چانڊيي چيو ته “دنيا جون سموريون مادري ٻوليون هڪجهڙيون آهن، جڏهن انسان اڪيلو هوندو آهي، پاڻ سان ڳالهائي ٿو، ڪجھ لکي يا سوچي ٿو اهو به هو پنهنجي ٻولي ۾ ڪري ٿو ان ڪري ٻولي وجود آهي ڇو ته ڄاڻڻ ۽ سوچڻ جو پورو عمل ٻولي ۾ آهي، ننڍيون وڏيون ٻوليون طاقت طئي ڪندي آهي. عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لينگئيج انجنيئرنگ جي ڊائريڪٽر امر فياض ٻرڙي چيو ته عبدالماجد انسٽيٽيوٽ واحد ادارو آهي، جنهن عزم ڪيو ته مشينري کي سنڌي ٻولي بابت اهڙو مواد مهيا ڪجي جو اها ايئن ڳالهائي جيئن سنڌ جي سگهڙ ماءُ ٻار سان ڳالهائيندي آهي، ڀٽائي سرڪار تي جيترو ڪم ٿيو آھي اوترو دنيا جي ڪنهن به شاعر تي ڪم ناهي ٿيو، فخر سان چئي سگهجي ٿو ته هن وقت سنڌي ٻولي مصنوعي ذهانت جي ٻولي آهي، سنڌي کي جديد دنيا ۾ کڻي هلڻ واري مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون. شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه جي استاد ڊاڪٽر ڦلو مينگهواڙ چيو ته "يونيسڪو جي رپورٽ مطابق سنڌ ۾ سنڌي کانسواءِ ٻيون مقامي ٻوليون خطري ۾ آهن، ٻولين جو مرڻ قومن جو مرڻ هوندو آهي، اداري جي سيڪريٽري ڊاڪٽر راز شاهاڻي آيل مھمانن جي آجيان ڪندي چيو ته اسان پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسون ته اسان پنهنجي ٻولي جي ڪهڙي خدمت ڪئي آهي. ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر مخمور بخاري، ڊاڪٽر بختاور جليل ابڙي ۽ پروفيسر حسام الدين ميراڻي پڻ پنهنجا مقالا پڙهيا. جڏهن ته عامر ضياءُ چارڻ انٽرنيٽ تي سنڌ سلامت جي هيستائين ڪارڪردگي بابت ٻڌايو. ڪانفرنس دوران اداري پاران ڇپيل ٽن ڪتابن ۽ ايس ايل اي فونٽ جي مھورت پڻ ڪئي وئي.