اوٻاوڙو (رپورٽ :عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙو ۽ ڀرپاسي جي ڪچي واري علائقن سنڌ ۽ پنجاب ۾ دهشت جي علامت بڻيل بدنام ڌاڙيل ثناءُ الله عرف ثنو شر هٿيار ڦٽا ڪري پاڻمرادو پوليس حوالي ٿي ويو، ضلعي گهوٽڪي جي پوليس اختيارين سندس هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته جوابدار ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۾ گهربل هو ۽ حڪومت طرفان مٿس هڪ ڪروڙ روپين جو انعام پڻ مقرر ٿيل هو،پوليس ذريعن موجب ثنو شر تي قتل، ڀنگ لاءِ اغوا، ڦر، پوليس مقابلي ۽ دهشت گردي جهڙن ڏوهن جا ڪيترائي ڪيس داخل هئا، جڏهن ته هو ڊگهي عرصي کان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گهربل هو، تازو ڪچي واري علائقي ۾ جاري ٽارگيٽڊ آپريشن ۽ سخت نگراني کان پوءِ جوابدار پاڻمرادو گرفتاري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، ايس ايس پي گهوٽڪي چيو آهي ته ثناءُ الله عرف ثنو شر طرفان گرفتاري ڏيڻ قانون جي بالادستي جي ڪاميابي آهي، پوليس مسلسل حڪمت عملي تحت ڪم ڪري رهي هئي، جوابدار خلاف داخل ڪيسن تحت وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، حڪومت طرفان مقرر ڪيل هڪ ڪروڙ رپين جي انعام باوجود پوليس صبر ۽ حڪمت سان ڪارروائي ڪئي، ثنو شر جهڙي خطرناڪ ڏوهاري جي گرفتاري سان علائقي ۾ امن جي نئين اميد پيدا ٿي آهي.