پنجاب ۾ دسترخوان،مريم نواز جي نمائشي قدمن تي سخت تنقيد

لاهور(عوامي آواز نيوز)صحافي عامر ضيا پنجاب حڪومت پاران رمضان المبارڪ لاءِ سجايل دسترخوان جي وڊيو شيئر ڪندي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته مريم نواز دسترخوان ته سجائي ڇڏيو آهي، پر ماڻهن کي اهو اعتراض نه ڪرڻ گهرجي ته کاڌي جي دٻن کان وٺي وڏن پينافليڪس بينرن تائين سندس تصويرون ڇو لڳايون ويون؟ اهو سڀ ڪجهه “برانڊنگ” ذريعي دل کٽڻ جي ڪوشش آهي،هن چيو ته هن وقت اربين رپين واري مهانگي جهاز جو معاملو ڳلي جي هڏي بڻيل آهي، ۽ ان اسڪينڊل کي دٻائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪيون پيون وڃن. صحافي امير عباس  ٽوئيٽ ڪيو  ته ملڪ کي تماشو بڻايو ويو آهي. پنجاب ۾ غربت ۽ بيروزگاري وڌي رهي آهي، پر حڪومت خاص طور تي مريم نواز نمائشي قدمن کان باز نٿي اچي.هو چوي ٿو ته هڪ غريب ۽ قرضن ۾ ورتل حڪومت طرفان سرڪاري پئسن سان افطاريون ڪرائڻ حماقت ۽ زميني حقيقتن کان لاتعلقي آهي. سندس دليل آهي ته پاڪستان ۾ اڳ ئي مسجدن، بازارن، چوڪن، آفيسن ۽ اسپتالن ۾ مخير حضرات پنهنجي خرچ تي روزو کولرائين ٿا، تنهنڪري قومي خزاني مان ماڻهن کي روزو کولرائڻ دين جي نالي تي سياسي واپار ڪرڻ جي برابر آهي،آفتاب احمد گورايا  پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مريم نواز تي ٽوڪ ڪندي  لکيو ته عوام جي ٽيڪسن جي پئسن سان ڪرائي ويل افطاري جي پليٽ ۾ سموسن سان گڏ سندس تصوير به رکي وڃي ته ان سان وڌيڪ ثواب ملندو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.