مادري ٻولين جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان اڄ ڪانفرنس ٿيندي

حيدرآباد )ن ع آ) مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران "گهڻ ٻوليائي تعليم ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي سري هيٺ ڪانفرنس اڄ ڇنڇر جي ڏينھن  ٿي رھي آھي. ناميارا عالم مقالا پڙهندا، سيد ذوالفقار علي شاهه خاص مهمان هوندو سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران مادري ٻولين جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي گهڻ لساني تعليم لاءِ ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال عنوان هيٺ هڪ ڏينھن جي ڪانفرنس(اڄ) ڇنڇر شام چئين وڳي, بلوچ هال م منعقد ٿيندي. هن ڪانفرنس جو خاص مهمان ثقافت کاتي جو وزير سيد ذوالفقار علي شاھ هوندو جڏهن ته ناميارا دانشور ۽ محقق مدد علي سنڌي، انعام شيخ، جامي چانڊيو، ڊاڪٽر مخمور بخاري ،امر فياض ٻرڙو، حسام الدين ميراڻي، بختاور جليل ۽ ڊاڪٽر ڦلو ميگهواڙ مقالا پيش ڪندا. اٿارٽيءَ جي تيار ڪيل نئين فانٽ ۽ ٽن  ڇپاييل ڪتابن جو مھورت پڻ ٿيندو، ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ عام سڏ ڏنو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.