گورنر ھائوس کي ملڪ دشمن سازشن جو مرڪز بڻايو ويو آهي: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته گورنر ھائوس کي ملڪ دشمن سازشن جو مرڪز بڻايو ويو آھي، سنڌ خلاف سازش دراصل ملڪ خلاف سازش آھي، ملڪ کي ڪرپشن، دھشتگردي، معاشي بدحالي، ميرٽ جي لتاڙ، ظلم ۽ زيادتين مان ڪڍڻ بدران وڌيڪ هٿرادو بحرانن جي کوھ ۾ نه اڇلايو، سنڌو درياھ تي ڪو به ڪئنال قبول ناھي، پنجاب جلال پور ڪئنال سميت ڪو به ڌاڙيل منصوبو شروع ڪيو ته سنڌ جو اٺ ڪروڙ عوام سخت مزاحمت ڪندو، سنڌ کي ٽوڙڻ جي سازشن پويان عالمي سامراجي طاقتن جا ھٿ آھن، اھي ملڪ جي 25 ڪروڙ عوام جا دشمن آھن، عالمي سامراجي طاقتون سنڌ کي ٽوڙي نئون اسرائيل بنائڻ چاھين ٿيون، ايم ڪيو ايم انھن جي سازش تي عمل ڪري رھي آھي، گورنر ھائوس سنڌ دشمن ۽ ملڪ دشمن سازشن جو مرڪز بنجي رھيو آھي، جيڪا انتھائي خطرناڪ صورتحال آھي، اسين انھي جي مذمت ڪريون ٿا، وفاق ۽ سنڌ حڪومت لاتعلق ٿيڻ بدران ان جي وضاحت ڪن، گورنر سميت ملوث ماڻھن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت 18 سالن کان مٿي دور سنڌ کي تباھي جي ڪناري تي بيھاري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.