سنڌ جي وحدت خلاف ڳالهائيندڙن کي هتي رهڻ جو حق ناهي:صنعان قريشي

ڪراچي، ملير(پ ر) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته گورنر هائوسسنڌ کي سنڌ جي وحدت خلاف سازشي محل بڻايو ويو آهي، وفاق جي علامت گورنر پنهنجي صدارت ۾ سنڌ جي وحدت خلاف ميٽنگون ڪري پيو جنهن کي سنڌ برداشت نه ڪندي، ڪراچي ۾ موجود اُردو ڳائيندڙ اديب ،دانشور سنڌ جي وحدت خلاف ڳالهائيندڙ هر فرد جو نوٽيس وٺي سندن گهيراءُ ڪن ڇاڪاڻ ته اسان جي وڏن سائين جي ايم سيد ۽ شهيد بشير خان قريشي جي جدوجهد ۽ فڪر ۾ اُڙدو ڳالهائيندڙ ۽ سنڌي ماڻهن جي فساد ۽ تڪرار کي ڪڏهن به سنڌ جي حق ۾ نه سمجهيو آهي، تنهن سنڌ جي وحدت خلاف ٿيندڙ هر سازش تي اردو ڳالهائيندڙن کي سنڌين جي جدوجهد ۾ ساٿ ڏيڻ گهرجي ۽ اٿندڙ هر آواز ۾ آواز ملائڻ گهرجي، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي ميڊيا ڪو آرڊينيتر ديدار شام بيان ۾ وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته ڪراچي سنڌ جو تاريخي تخت گاھ آهي، تنهن ڪري ڪراچي خلاف سازشون برداشت نه ڪنداسين، جيڪو سنڌ جي وحدت خلاف سوچي ٿو ان کي سنڌ ۾ رهڻ، سنڌ ۾ کائڻ ۽ سياست ڪرڻ جو ڪو به حق ناهي ان کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.