ڏهرڪي (رپورٽ: اجيت ڪمار) ڏهرڪي ويجهو تبليغي جماعت جي نوجوان جون مڇون ۽ ڏاڙهي ڪوڙي تذليل، ڏهرڪي ويجهو 4 ڏينهن اڳ سانڪو ڀرسان درگاھ پير گنھور شاھ جي مسجد ۾ تبليغي جماعت سان گڏ ترسيل بلوچستان واسي 20 ورهين جي نوجوان محمد حسنين بلوچ پراسرانموني گم ٿي ويو هو جنهن بعداوچتو گم ٿيل نوجوان کي گذريل ڏينهن جوابدارن مڇون ۽ ڏاڙهي ڪوڙي کيس تذليل بعد بيهوشي واري حالت ۾ ڪمند جي فصل ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا جنهن بعد ڳوٺاڻن نوجوان کي بيهوشي واري حالت ۾ ڪمند جي فصل ۾ پيل ڏسي جماعت جي اڳواڻن ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو اطلاع ملڻ تي جماعت جي اڳواڻن واقعي واري هنڌ پهچي بيهوش پيل نوجوان کي موٽر سائيڪل تي کڻائي ڏهرڪي ٿاڻي تي پهچايو جتي ميڊيڪل ليٽر وٺي نوجوان کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏي، جماعت جي اڳواڻن چيو ته نوجوان درگاهه تان گم ٿي ويو هو، اطلاع ڏهرڪي پوليس کي پڻ ڏنو هو پراڄ نوجوان کي اغوا ڪندڙن کيس مڇون ۽ ڏاڙهي ڪوڙي کيس تذليل بعد بيهوشي واري حالت ۾ ڪمند جي فصل ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، نوجوان کي اغوا ڪري تذليل ڪندڙ جوبدارن خلاف ڪاروائي ڪري متاثر نوجوان سان انصاف ڪيو وڃي.