ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي اجلاس دوران ايم ڪيو ايم ميمبر طرفان پنهنجي ئي ساٿين تي قتل جون ڌمڪيون ڏيڻ جا الزام هنيا ويا، سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ايم ڪيو ايم جي ميمبر رانا شوڪت پنهنجي ساٿي ميمبرن تي قتل جون ڌمڪيون ڏيڻ جا الزام لڳايا، جنهن تي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي پوليس کي ايوان ۾ طلب ڪري ورتو، ايم ڪيو ايم جي ميمبر رانا شوڪت چيو ته ساٿي شارق جمال مون کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن، جڏهن ته هن اهو به الزام لڳايو ته اقبال محسود پڻ کيس ڌمڪيون ڏنيون ۽ چيو ته هو خالد مقبول گروپ سان تعلق رکي ٿو، کيس چيو ويو ته ٻاهر نڪرو پوءِ ڏسنداسين، رانا شوڪت چيو ته هو اسيمبلي ميمبر آهي، لاڳاپيل ٿاڻي جي عملدارن کي سڏي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ هو ايوان مان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو، هن وڌيڪ چيو ته منهنجي پيدائش سنڌ جي ڌرتي تي ٿي آهي ۽ جيڪڏهن استعيفيٰ ڏئي ته پوءِ ڏسندو ڪير ڇا ڪري سگهي ٿو، سندس دعويٰ هئي ته ايم اين اي اقبال محسود هٿياربندن سان گڏ سندس آفيس تي آيو، تالا ٽوڙيا، پر اهو معاملو ايوان کان ٻاهر جو هو تنهن ڪري اسيمبلي ۾ اڳ نه ڳالهايو، صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته اسيمبلي اندر اهڙي قسم جون ڳالهيون مناسب ناهن، اسپيڪر هائوس جو ڪسٽوڊين آهي ۽ رولنگ ڏئي سگهي ٿو، جڏهن ته ايس ايڇ او کي به طلب ڪري سگهجي ٿو، ضِياءُ لنجار وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسين پنهنجي معزز ميمبر کي به تحفظ نه ڏئي سگهياسين ته پوءِ صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿيندي، هن ميمبر جي سيڪيورٽي جو انتظام ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته جيڪڏهن کين ڪو مسئلو پيش آيو ته جن جا نالا کنيا ويا آهن تن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، هن چيو ته معاملو حل ٿي وڃي ته بهتر آهي، جيڪڏهن شوڪت راجپوت پوليس آڏو بيان رڪارڊ ڪرائڻ چاهين ته اها انهن جي مرضي آهي، جڏهن ته هڪ يا ٻه ڪلاڪن لاءِ ميمبرشپ معطل ڪرڻ جي به درخواست ڪئي وئي،سنڌ اسيمبلي اسپيڪر اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي کي مخاطب ڪندي چيو ته اجلاس ختم ٿيڻ کان اڳ معاملو حل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ميمبرشپ معطل ڪئي ويندي، ايس ايس پي ۽ ايس ايڇ او کي سڏي بيان رڪارڊ ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي، سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو ته پارٽي گروپنگ ٻاهر جو معاملو آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن ميمبر کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ملن ۽ تحفظ نه ملي ته اها ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، جڏهن ته اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي چيو ته معاملي کي عارضي طور ملتوي ڪري روٽين جي ڪارروائي جاري رکي وڃي ۽ هڪ ڪلاڪ ۾ مسئلو حل ٿي ويندو، ٻئي پاسي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس قادر شاهه گوڙ ڪرڻ تي متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جي ايم پي اي انجينيئر سيد عثمان جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي، سنڌ اسيمبلي اجلاس دوران ايم ڪيو ايم رڪن رانا شوڪت کي ڌمڪيون ملڻ واري معاملي تي اسپيڪر جي رولنگ کان پوءِ ايس ايس پي ڏکڻ ۽ ايس ايڇ او سنڌ اسيمبلي ۾ پهتا، اسپيڪر اويس قادر شاهه چيو ته جيڪو قانوني طريقيڪار آهي، اهو اختيار ڪيو ويندو، ايم پي اي انجينيئر سيد عثمان کي معطل ڪيو ويو آهي ۽ هن جي معافي گهرڻ تائين سندس ميمبرشپ معطل رهندي.
-
متحدا ميمبرن ۾ اختلاف، قيادت جو ردعمل، علي خورشيدي طلب
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ متحدا قومي موومنٽ پاڪستان جي ميمبرن جي وچ ۾ ڌمڪيون ڏيڻ واري واقعي تي اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي کي بريفنگ ڏيندو، علي خورشيدي موجب رانا شوکت ۽ شارق جمال جي وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ختم ٿي چڪي آهي، جڏهن ته رانا شوڪت اڄ ايوان ۾ پنهنجو موقف پيشڪندو، حيدرآباد کان ايم ڪيو ايم ميمبر رانا شوڪت اسيمبلي ۾ چيو هو ته انهن کي اسيمبلي ٻاهر پي ايس پي گروپ سان تعلق رکندڙ ايم اين اي اقبال محسود ۽ اسيمبلي ميمبرن شارق جمال پاران قتل جون ڌمڪيون مليون آهن.
-
اسان جو پنهنجو معاملو آهي، رانا شوڪت کي روزو لڳو هو:شارق جمال
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ رانا شوڪت طرفان ڌمڪين جي الزامن واري معاملي تي شارق جمال جو موقف سامهون اچي ويو. ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي شارق جمال ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هي اسان جو پنهنجو معاملو آهي، رانا شوڪت کي روزو لڳو هو، هن چيو ته هي اسان جو معاملو هو، جيڪو هاڻي ختم ٿي ويو آهي، اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي، معاملو ختم ٿي ويو آهي، واضح رهي ته ان کان اڳ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ايم ڪيو ايم ايم پي اي رانا شوڪت پنهنجي ساٿي ميمبرن تي قتل جي ڌمڪين جو الزام لڳايو هو، رانا شوڪت پنهنجي ساٿي شارق جمال تي موتمار ڌمڪين جو الزام لڳائيندي چيو ته مون کي شارق ڌمڪي ڏني آهي، تحفظ ڏنو وڃي.