اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ سان ڪا به ڊيل يا نرمي نه ڪئي پئي وڃي، پي ٽي آءِ اهڙيون ڳالهيون ڪري ماڻهن کي پناهه ڏئي رهي آهي. وفاقي دفاع واري وزير خواجا آصف ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊيل بابت ڪنهن به سطح تي ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي، ماڻهن سهولتن جي حوالي سان رابطو ڪيو هوندو. هن چيو ته انهن ماڻهن کي ڏسو، اهي پنهنجي وطن يا ڪنهن شخص سان پيار ڪن ٿا، وطن جي ڳالهه ڪن ٿا، شخصيتنکي پوئتي ڇڏي ڏيو، مون کي لڳي ٿو ته انهن جون نوڪريون خطري ۾ آهن، اهي پنهنجون نوڪريون محفوظ بڻائڻ لاءِ اهو ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو آمريڪا جو دورو ڪامياب رهيو، غزه امن بورڊ ۾ مسلمان ملڪن جي شرڪت جا مثبت نتيجا نڪرندا، مان دعا ڪريان ٿو ته الله فلسطينين کي آزاد ڪري ۽ اسان جي دشمن کي تباهه ڪري.