ڪراچي/ بهرام (نمائندن وٽان) ڪراچي جي صفوارن چورنگي وٽ موبائل ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي نوجوان گولين جو کاڄ بڻايو ويو، گذريل رات ڦورن ۽ گارڊ جي جوابي فائرنگ دوران مزاحمت ڪندي بي ايس سيجو شاگرد بھرام واسي 19 ورھين جي عاطف علي ولد فضل حسين بروھي گولي لڳڻ سبب موقعي تي ئي قتل ٿي ويو، اھڙو اطلاع ملڻ تي نوجوان جي گھر ۽ بھرام شھر ۾ روڄ راڙو مچي ويو، نوجوان عاطف تعلقي ميروخان جي وڏي شخصيت ۽ ناليواري زميندار پ پ تعلقا ميروخان جي انفارميشن سيڪريٽري عمران احمد بروھي جو ڀاڻيجو منير احمد بروھي ۽ صابر حسين جو ڀائٽيو آھي، نوجوان جو مڙھ ضروري ڪارروائي بعد اباڻي ڳوٺ بھرام آندو ويو جتي جنازي جي نماز پڙھائي سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ۾ بھرام شھرين، سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، قتل ٿيل نوجوان جي وارثن ۽ شهرين پاران چيو ويو ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي، آءِ ڏينهن پڙهيل لکيل سنڌي نوجوانن کي قتل ڪيو وڃي ٿو، اسان جي ٻچڙي کي بيگناهه ڦر دوران مزاحمت تي قتل ڪيو ويو آهي، قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.