لاهور (بيورو) ملڪ ۾ پرڏيهي سڌي سيڙپڪاري جي ڪاٿي ۾ 51 سيڪڙو گهٽتائي جو انڪشاف ٿيو آهي. لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي سينئر ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ميمبر علي عمران آصف چيو ته هلندڙ مالي سال جي جولاءِ کان جنوري تائين پرڏيهي سيڙپڪاري رڳو 694 ملين ڊالر هئي، جڏهن ته گذريل سال ساڳئي عرصي ۾ اها 1.429 بلين ڊالر هئي. هن چيو ته ڪل سيڙپڪاري جي آمد 2.1 بلين ڊالر هئي جڏهن ته نيڪال 1.1 بلين ڊالر تائين پهچي ويو. فوليو سيڙپڪاري ۾ به هڪ منفي رجحان ڏٺو ويو، جتي مالي سال 26 جي پهرين ستن مهينن دوران 287 ملين ڊالر جي خالص واپسي رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ مسلسل اتار چڙهاؤ جي نشاندهي ڪري ٿي. علي عمران آصف چيو ته عالمي غير يقيني صورتحال ۽ ملڪي ميڪرو اڪنامڪ ايڊجسٽمينٽ پرڏيهي سيڙپڪارن جي اعتماد کي متاثر ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ ڊگهي مدي واري ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين جي ضرورت آهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ ترغيبن سان گڏ سرخ فيتاشي کي ختم ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن اهي پاڻ ۽ ٻين پرڏيهي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ آڻڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن.