ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گل پلازا عدالتي ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ، پوليس سرجن ڊاڪٽر سمعيه، ڊي جي ايس بي سي اي، سي اي او واٽر ڪارپوريشن ۽ صدر گل پلازا ايسوسيئيشن تنوير پاستا شرڪت ڪئي، سي اي او واٽر ڪارپوريشنڪميشن کي ٻڌايو ته سمورن هائيڊرنٽس تي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي هئي ۽ ويجهو هائيڊرنٽ 14 ڪلوميٽر پري هو، جسٽس آغا فيصل چيو ته فائر اسٽيشنن وٽ واٽر ڪارپوريشن جي سڌي لائين هئڻ گهرجي، سي اي او موجب 15 هائيڊرنٽس موجود آهن جتان فائر ٽينڊرز کي روزانو 6 ڪلاڪ پاڻي فراهم ڪيو ويندو آهي ۽ فائر برگيڊ هيڊڪوارٽر ۾ روزاني هڪ ملين گيلن گنجائش وارو ٽينڪ موجود آهي، جسٽس آغا فيصل پڇيو ته گل پلازا ۾ پهرين ٻن ڪلاڪن دوران ڪيترو پاڻي استعمال ٿيو هوندو؟ جواب ۾ چيو ويو ته هڪ ڪلاڪ ۾ لڳ ڀڳ 20 هزار گيلن پاڻي استعمال ٿيندو آهي، يعني ٻن ڪلاڪن ۾ 40 هزار گيلن استعمال ٿيو هوندو، عدالت ريمارڪس ڏنا ته اهڙي حساب سان 24 ڪلاڪن ۾ فائر برگيڊ وٽ پاڻي جي کوٽ نه هئڻ گهرجي ها، سينيئر ڊائريڪٽر لينڊ ڪي ايم سي ٻڌايو ته ادارو صرف پلاٽن جي لِيز جاري ڪري ٿو، جسٽس آغا فيصل پڇاڻو ڪيو ته ڇا روڊن تي حددخليون به سندن دائري اختيار ۾ ناهن ۽ گل پلازا جو ٽائيٽل ڇا آهي؟ عدالت کي ٻڌايو ويو ته 1884ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني کي 99 سالن جي لِيز تي زمين ڏني وئي هئي، جسٽس آغا فيصل چيو ته سينيئر ڊائريڪٽر لينڊ ڪميشن جي مناسب مدد نه ڪري سگهيا، تنهن ڪري ميونسپل ڪمشنر کي ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪيو وڃي ۽ نوٽيس جاري ڪيا وڃن، صدر گل پلازا تنوير پاستا ٻڌايو ته بيسمينٽ جي سيڪيورٽي روم ۾ ڊي وي آر لڳل هئا، ٻه مهينا اڳ سي سي ٽي وي سسٽم اپ گريڊ ڪيو ويو ۽ 280 ڪيمرا لڳايا ويا هئا، عمارت جون مرڪزي راهداريون 6 کان 8 فُٽ ۽ ميز نائن تي لڳ ڀڳ 10 فوٽ ويڪريون آهن، دروازا 20 کان 25 منٽن ۾ بند ڪيا ويندا هئا ۽ ڇنڇر تي 10:45 وڳي بند ڪرڻ شروع ڪيا ويندا هئا، تنوير پاستا موجب گل پلازا ۾ 1153 دڪان آهن ۽ سڀ لِيز تي آهن، 2003ع ۾ بيسمينٽ مان پارڪنگ ختم ڪري ڇت تي پارڪنگ قائم ڪئي وئي، ڪجهه رڪارڊ آفيس ۾ موجود هو جيڪو باهه ۾ سڙي ويو، دڪاندارن کان 1500 رپيا مينٽيننس في ورتي ويندي هئي، ڊي جي ايس بي سي اي ٻڌايو ته 1979ع ۾ عمارت جو پلان منظور ٿيو، 1998ع ۾ ريوائزڊ پلان پاس ٿيو ۽ 150 غير معياري دڪان به تعمير ڪيا ويا، 2003ع ۾ حڪومتي پاليسي تحت عمارت کي ريگيولرائز ڪيو ويو، جڏهنته 2015ع ۾ وڌيڪ فلور جي اجازت گهري وئي جيڪا رد ڪئي وئي، هن واضح ڪيو ته اداري جي رڪارڊ ۾ گل پلازا جو ميزانائن فلور موجود ناهي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته بيسمينٽ کان سواءِ ٻين منزلن لاءِ اين او سي جاري ڪيو ويو يا نه؟ ڊي جي ايس بي سي اي موجب ڪمپليشن کان پوءِ اداري جو ڪم ختم ٿي ويندو آهي ۽ عام طور شڪايت يا بلڊنگ انسپيڪٽر جي رپورٽ تي ڪارروائي ڪئي ويندي آهي، جسٽس آغا فيصل ريمارڪس ڏنا ته اهڙي صورت ۾ باقاعده ريگوليٽري ميڪينزم نظر نٿو اچي.