ڪراچي/لاهور(عوامي آواز نيوز)وزيراعليٰ پنجاب لاءِ خاص جهاز جي خريداري تي پنجاب حڪومت تنقيد جي وڪڙ ۾ آهي،سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته وفاقي حڪومت پاران پي آءِ اي جي نجڪاري کانپوءِ ڇا پنجاب حڪومت سرڪاري طور تي ايئر لائن هلائڻ ۾ ڪامياب ٿيندي؟ پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري انڊپينڊنٽ اردو کي چيو ته اڃا ڪو فيصلو ناهي ٿيو،ورڪنگ جاري آهي، ايئر پنجاب لاءِ هڪ فليٽ بڻائڻ آهي جنهن ۾ هر طرح جا جهاز هوندا،اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل ذڪاوت حسين چيو ته پنجاب حڪومت اعلان ضرور ڪيو آهي پر منهنجو خيال ناهي ته پنجاب حڪومت ايئر لائن هلائي سگهندي، وفاقي حڪومت جيڪڏهن پي آءِ اي نه هلائي سگهيته صوبائي حڪومت ڪيئن ڪامياب ٿيندي؟ هن چيو ته پنجاب حڪومت جيڪو 10 ارب رپين جو جهاز خريد ڪيو آهي ته اهو ته 19سيٽن وارو خاص جهاز آهي جيڪو ايئر لائن لاءِ استعمال ٿي ئي نٿو سگهي،نئين خاص جهاز جي خريداري سمجهه کان ٻاهر آهي، صحافي امداد سومرو لکيو ته شهباز شريف10 ارب رپين ۾ پي آءِ اي وڪرو ڪئي،۽ مريم نواز کي 11 ارب رپين جو هڪ نئون طيارو خريد ڪري ڏنو،صحافي عامر خاڪواڻي لکيو ته مريم نواز شريف لاءِ 10 ارب رپين جو لگزري جهاز خريد ڪيو ويو آهي، ۽ ان جي وضاحت بلڪل ناقابل قبول آهي.حڪومتي ترجمانن جي “احمقاڻن” بيانن سبب وڌيڪ شرمندگي پيدا ٿي رهي آهي، جيئن عظميٰٰ بخاري جو چوڻ ته “هي جهاز پنجاب ايئر لاءِ آهي”،ڇا پنجاب حڪومت وٽ حقيقت ۾ ايئر لائن ٺاهڻ جا سڀ قانوني تقاضا پوري ٿيا آهن؟جي يو آءِ اڳواڻ حافظ حمدالله لکيو ته پي آءِ اي کي 10 ارب رپين ۾ وڪروڪيو ويو ڇا اهو ڪو مينهن جو واڙو هو؟ پنجاب حڪومت جو 11 ارب رپين جو جهاز خريد ڪرڻ – ڇا هن سرڪاري خريداري ۾ مقروض ملڪ جي ترقي ٿي رهي آهي؟سبي ڪاظمي لکيو ته مريم نواز جو گلف اسٽريم جيٽ ارب رپيا خريدڻ جو شوق.اهڙا جهاز عام طور تي ايلون مسڪ، جيف بيزوس، مارڪ زڪربرگ، ۽ شاهي خاندان استعمال ڪن ٿا،پاڪستان دنيا جي وڏن مقروض ملڪن مان هڪ آهي، 45 سيڪڙو آبادي غريب آهي،مليحه منظور لکيو ته جيڪڏهن اها صورتحال سنڌ جي وڏي وزير سان هجي ها، ته ميڊيا جو شور ۽ تبصرا ڪيترا وڏا هجن ها؟بي اين پي اڳواڻ ثناءُ الله بلوچ ٽوئيٽ ڪيو ته پنجاب حڪومت 10 ارب رپين جو جهاز خريد ڪيو، جنهن تي ميڊيا مڪمل توجه ڏئي رهي آهي.بلوچستان حڪومت مقدس رمضان ۾ 6 ارب رپين جا دال ۽ چانور خريد ڪيا ايمرجنسي لاءِ، پر ميڊيا خاموش آهي،پ پ اڳواڻ نديم افضل چن لکيو ته وزيراعليٰ لاءِ جهاز وٺڻ ۾ ڪهڙو مسئلو آهي؟ ڪامورا پڻ سرڪاري جهازن تي سفر ڪندا آهن، اها ڪا نئين ڳالهه ناهي،صحافي مهه پارا صفدر لکيو ته جيڪڏهن مريم نواز عوامي سوچ رکندڙ هجي ها ته اهڙا منصوبا عوام جي سهولت لاءِ ٺاهيا وڃن ها، جيئن ريلوي نيٽ ورڪ جو بهتر منصوبو، جيڪو عوام لاءِ سستا ۽ آسان سفري سهولت فراهم ڪري.پر حقيقت ۾، شاهي سوچ اختيار ڪئي وئي عرب بادشاهه اهڙو جهاز خريد ڪري سگهن ٿا، انهن وٽ پنهنجي دولت آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ قرض وٺي عوام جا وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن،اسد تنولي لکيو ته ملڪ ۾ 12 ڪروڙ ماڻهو اهو به نه ڄاڻن ته انهن کي ايندڙ خوراڪ ڪڏهن ۽ ڪيئن ملندي.اهڙي صورتحال ۾، سرڪاري وسائل جو ذاتي آسائش ۽ پرائيويٽ جهازن تي خرچ نه صرف رياستي ترجيحن تي سوال اُٿاري ٿو، پر انهن ماڻهن جي ڪردار تي به سنجيده سوال پيدا ڪري ٿو جيڪي اهڙيون پاليسيون لاڳو ڪن ٿا. اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري لکيو ته جڏهن فارم 47 جي حڪومت مڙهي وڃي ۽ عوام کي جوابده نه هجي،تڏهن ٽيڪس ڏيندڙن جو پيسو اهميت نه ٿو رکي،صحافي امير عباس لکيو ته جڏهن قيادت مصنوعي ۽ سياسي فلسفي کان ناواقف هجي، ۽ صرف پنهنجي پسند جي "باربي ڊول” (هتي طنزيه انداز ۾) کي تخت تي ويهائڻ جي خواهش هجي،تڏهن اهڙا حيران ڪندڙ ۽ عوام مخالف فيصلا ٿين ٿا، آفتاب احمد گورايا لکيو ته حقيقت ۾ ايئر لائن اڃا رجسٽر نه ٿي آهي، جهاز موجود نه آهي، نه آفيس آهي نه اسٽاف، ۽ اپريل کان آپريشن شروع ٿيڻا آهن.پر مريم نواز لاءِ خريد ڪيل لگزري ڪارپوريٽ جيٽ کي “ايئر پنجاب” جي طور تي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، جيئن عوام جي نظر کان لڪائي سگهجي،خرم مشتاق لکيو ته جڏهن غريب عوام جا اربين روپيا نيوز چينلز ۽ صحافين تي خرچ ڪيا وڃن، ۽ پوءِ پيڪا ايڪٽ سان صحافين کي ڌمڪايو وڃي،تڏهن سچ ڳالهائڻ يا ٻڌڻ جو ماحول ڪٿي آهي؟ رضوان رضي لکيو ته مريم نواز اڄ جي ڏينهن تي صوبي جي غريب ۽ مستحق ماڻهن ۾ 40 ارب رپيا ورهايا.پر ماڻهو سوال ڪري رهيا آهن ته پهرين اهو ٻڌايو وڃي ته 11 ارب رپين جو جهاز ڇو خريد ڪيو ويو؟ جي ڊي اي اڳواڻ سائرا بانو لکيو ته پائليٽ ۽ ڪو پائليٽ کانپوءِ 17 سيٽون بچن ٿيون،17 سيٽن جي حڪومت،17 سيٽن وارو جهاز