ڀريا روڊ ۾ نينگري سان زيادتي جو انڪشاف، جرڳو گهرائي معاملو لئي مٽي ڪيو ويو

ڀرياسٽي (مجيد ڪيريو) ڀرياروڊ ۾ ٻه ڏينهن اڳ  8 سالن جي معصوم نينگري سان زيادتي جو انڪشاف ، پوليس اهلڪارن پاران معاملي جو جرڳو ڪري لئي مٽي ڪيو ويو، ڀرياروڊ چانهين منومل ڀرسان گهر پنهنجا ۾ رهندڙ شر برادري جي 8 سال معصوم نينگري حميرا ڌيءَ علي حسن شر سان سندس ئي گهر ڀرسان نصرت  ڪئنال ڪپ تي  زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، ماءُ پاران رتورت نياڻي کڻي نجي اسپتال پهچايو ويو، غربت وڌيڪ علاج کان قاصر بڻيل،  ان سلسلي ۾ مبينا زيادتي جو شڪار ٿيل معصوم نينگري حميرا جي امڙ شھناز شر ٻڌايو ته اسان غريب مسڪين آهيون، نصرت ڪئنال جي ڪپر سان ويٺل آهيون، مڙس ڪم سانگي  شهر ويو، مان گاهه ڪرڻ ويس ظالم منهنجي معصوم نياڻي 8 سالن جي حميرا کي زبير شر زبردستي پڪڙي وات ۾ ڪچو پٿر ڏئي زيادتي جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويو، معصوم نينگري بيهوشي جي حالت ۾ رت سان ڀريل کڻي نڪتا آهيون، ٻن ڏينهن کان بيهوش ٿيندي رهي  رت هلندو رهيو، طاقت ناهي ته نياڻي جو علاج ڪرايون، ذريعن موجب زيادتي معاملو ٻه ڏينهن اڳ پيش آيو هو، مقامي پوليس  اهلڪار صفر راڄپر ٻنهي ڌرين ۾ جرڳو ڪري زيادتي ڪندڙ ڌر مٿان سڱ چٽي مڙهي ڇڏي، جڏهن  ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو نه وري جوابدار گرفتار ٿي سگهيا ۽ نه وري معصوم نينگري جو ميڊيڪل ٿي سگهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.