ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گذريل ڏينهن وسڪارو ٿيو، جتي ڪجهه هنڌن تي ڳڙي سان برسات پئي. برسات سبب فصلن کي نقصان جو خدشو آهي، جڏهن ته ڪيترنئي علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي، ڪراچي جي ميمڻ ڳوٺ واري علائقي ۾ تيز هوا سبب وڻ ڪري پيو جنهن جي نتيجي ۾ 30 ورهين جي عورت وڪيلان زال منور فوت ٿي وئي. گھوٽڪي، دوداپور، پنوعاقل، فقيرآباد، سکر، قمبر، خيرپور ۽ ٻين علائقن ۾ وسڪارو ٿيو، جنهن سان موسم خوشگوار ٿي وئي. ان کانسواءِ، بخشاپور، ٽنڊو مستي، باڊهه، احمدپور ۽ ٻين شهرن ۾ به وسڪارو ٿيو، جنهن سان ماڻهن ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي. ڪراچي ۾ به مختلف علائقن ۾ ڳڙي سان برسات پئي، جتي اورنگي ٽائون، گلستان جوهر، سائيٽ ايريا، بفر زون ۽ يونيورسٽي روڊ تي وسڪارو ٿيو. نيو ڪراچي، نارٿ ناظم آباد، ناظم آباد، گلشن اقبال ۽ لياقت آباد ۾ به برسات پئي. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾، خاص طور تي ملير ڪينٽ ۾ ڳڙي سان تيز برسات پئي، جنهن سان ماحول ۾ ٿڌ محسوس ٿيڻ لڳي. ان دوران، ڪراچي جي صفوران ٽائون ۾ 10 منٽن جي برسات، انتظاميا جي ڪارڪردگي وائکي ڪري ڇڏي، جڏهن ته گلستان جوهر ۽ ڪامران چورنگي ويجهو مغل هزارا ڳوٺ ۾ مک روڊ تي گوڏي جيڏو پاڻي بيهي ويو. سنڌ جي تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن تي پڻ برسات پئي، جنهن سان ٿڌ ۾ واڌ ٿي ۽ سياح خوش ٿي ويا. برسات سبب فصلن کي نقصان پڻ رسيو، جڏهن ته انتظامي ادارن کي پاڻي نيڪال ۽ بجلي بحالي جي ڪوششن ۾ تڪڙا قدم کڻڻ جي گهر ڪئي وئي.