سحري ۽ افطاري دوران بجلي ۽ گئس فراهمي جاري رکڻ جي هدايت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)  توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري رمضان المبارڪ دوران سحر ۽ افطار دوران بجلي جي بنا ڪنهنرڪاوٽ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جا حڪم جاري ڪيا ۽ پاور ڊويزن رمضان المبارڪ دوران ڪي-اليڪٽرڪ سميت سڀني بجلي ڪمپنين لاءِ ايس او پيز جاري ڪيا آهن.ساڳئي طرح، توانائي واري وفاقي وزير سڀني ڊسڪوز کي بجلي جي صارفين جي شڪايتن جو فوري طور تي ازالو ڪرڻ ۽ سڀني ڊسڪوز جي سي اي اوز کي ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.وفاقي وزير فيصلو ڪيو آهي ته سحر ۽ افطار دوران لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي جيتوڻيڪ وڌيڪ نقصان وارن علائقن ۾ به ڪئي وڃي ۽ رمضان المبارڪ دوران وڌيڪ نقصان وارن علائقن ۾ سحر ۽ افطار کان سواءِ ٻين وقتن تي لوڊ مينيجمينٽ کي ترتيب ڏنو وڃي.هوڏانهن سوئي سدرن گيس ڪمپني (ايس ايس جي سي) رمضان المبارڪ ۾ ڪراچي ۾ گيس فراهمي جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو. ايس ايس جي سي جي اعلان موجب صحري لاءِ گيس رات 3 وڳي کان صبح 9 وڳي تائين ڏني ويندي ۽ افطاري لاءِ منجهند ساڍي 3 وڳي کان رات 10 وڳي تائين ڏني ويندي. باقي وقتن ۾ مجموعي طلب کي منظم ڪرڻ لاءِ گيس جي فراهمي معطل رهندي. ڪمپني ٻڌايو ته گيس جي دٻاءَ ۾ بهتري لاءِ صبح 9 وڳي کان منجهند ساڍي 3 وڳي تائين گيس جي دٻاءَ جو جائزو ورتو ويندو ۽ پوءِ رات 10 وڳي کان 3 وڳي صبح تائين اهو عمل جاري رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.