اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته ممڪن مارچ لاءِ ڪنٽينر جي تياري جي خبرن ۾ ڪا به سچائي ناهي. وفاقي راڄڌاني ۾ هڪ ميڊيا سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي بئريسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ جي باني محمود اچڪزئي ۽ علامه ناصر عباس کي احتجاج جو اختيار ڏنو آهي، ۽ اهو انهن ٻنهي شخصيتن تي منحصر آهي ته اهي مستقبل جي حڪمت عملي جي منصوبابندي ڪن. بئريسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته ڪالهه، اسلام آباد ۾ 300 يونين ڪائونسلن سميت هر هنڌ ماڻهن ڪاميابي سان ڦيٿي بند هڙتال ڪئي. جيڪڏهن اسان لاءِ سڀئي دروازا بند ڪيا وڃن ته پوءِ ماڻهو ڪجهه نه ڪجهه ڪندا.