اسلام آباد(بيورو)وفاقي حڪومت پيٽروليم اسمن جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو،پيٽرول جي اگهه ۾ في ليٽر 5 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ پيٽرول جو نئون اگهه 258 رپيا 17 پئسا في ليٽر ٿي ويو،هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 7 رپيا 32 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو اگهه 275 رپيا 70 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي،پيٽروليم ڊويزن قيمتن ۾ اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي