ڪولمبو (م ڊ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي گروپ ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي 61 رنز سان شڪست ڏئي سپر ايٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. ڪولمبو جي پريماداسا اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستاني ڪپتان سلمان آغا ٽاس کٽي ڀارت کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. ٽاس جي موقعي تي پاڪستان ۽ ڀارت ٽيمن جي ڪپتانن هٿ نه ملايو. ڀارت پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 175 رنز ٺاهيون. ڀارتي اوپنر اڀيشيڪ شرما پهرئين ئي اوور ۾ سلمان علي آغا جي بال تي ٻڙي تي آئوٽ ٿيو. ايشان ڪشن 40 بالن تي 77 رنز ٺاهي صائب ايوب جي بال تي بولڊ ٿيو. 15هين اوور ۾ 126 جي اسڪور تي تلڪ ورما کي 25 رنز تي صائم ايوب آئوٽ ڪيو، وري ٻئي بال تي هاردڪ پانڊيا ٻڙي تي صائم ايوب جي بال تي آئوٽ ٿيو. ڀارتي ڪپتيان سوريا ڪمار ياديو 32 رنز ٺاهي عثمان طارق جي بال تي آئوٽ ٿيو. دوبي 27 ۽ اڪشر پٽيل ٻڙي تي آئوٽ ٿيو. پاڪستان طرفان صائم ايوب 3 وڪيٽون حاصل ڪيون، عثمان طارق، شاهين آفريدي ۽ سلمان آغا هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، هڪ رانديگر رن آئوٽ ٿيو. ڀارت جي 176 رنز جي هدف جي جواب ۾ پاڪستاني ٽيم 18 اوورن ۾ 114 رنز تي آل آئوٽ ٿي وئي. پاڪستان طرفان عثمان خان سڀ کان وڌيڪ 44 رنز ٺاهيون، شاداب خان 14، فهيم اشرف 10 رنز ٺاهيون. ڀارت طرفان هارد پانڊيا، وورن چڪرورتي، جسپريت بمراه ۽ اڪشر پٽيل 2، 2 رانديگر آئوٽ ڪيا، تلڪ ورما ۽ ڪلديپ ياديو هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. پاڪستاني ٽيم ۾ ڪا تبديلي نه ڪئي وئي هئي. پليئنگ اليون ۾ صائم ايوب، صاحبزادا فرحان، بابراعظم، سلمان علي آغا، عثمان خان، شاداب خان، محمد نواز، فهيم اشرف، شاهين آفريدي، ابرار احمد ۽ عثمان طارق شامل هئا. ڀارتي ٽيم 2 تبديليون ڪيون هيون، اڀيشيڪ شرما ۽ ڪلديپ ياديو کي شامل ڪيو هو.