ملير (رپورٽ جميل چانڊيو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته منهنجو وفاقي حڪومت سان اختلاف آهي ته صوبن جا ڪم صوبن کي ڪرڻ گهرجن، ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته ڪراچي کي الڳصوبو بڻايو وڃي، اسان چئون ٿا ته جيڪو آئين چوندو اهو ئي ڪنداسين، سنڌ اسيمبلي قرارداد منظور ڪئي آهي ته سنڌ کي ورهايو نه ويندو، اڳتي به اسيمبلي صوبي جي ورهاست خلاف اهڙي قرارداد پاس ڪندي، پنجاب نئين صوبي لاءِ قرارداد پاس ڪري چڪو آهي، ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪريو، سنڌ پاڪستان جي حق ۾ قرارداد پاس ڪئي هئي، هاڻي اهي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڀينس ڪالوني ۾ ريلوي ڦاٽڪ تي خالد بن وليد فلاءِ اوور جي افتتاح دوران تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، وڏي وزير چيو ته ٻوري بند لاش ڏيندڙن کي ڪراچي سان وڌيڪ کيڏڻ جو اختيار ڪنهن به صورت ۾ نه ڏينداسين، ڪالهه به ڪجهه ماڻهن صوبو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، هُنن کي چوان ٿو ته چپ ڪري ويهي رهو، هن چيو ته سنڌ پاڪستان کي ٺاهيو آهي، ورغلائڻ وارا ٻڌي وٺن، سنڌ جا ماڻهو ڪنهن جي ڀڙڪائڻ واري ڳالهه ۾ نه ايندا، سنڌ متحد رهندي ۽ شهر کي ٻوري بند لاش ڏيندڙن کي ڪراچي سان کيڏڻ جي اجازت نه ملندي، سيد مراد علي شاهه چيو ته هلندڙ سال 300 ارب رپين جا ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويندا، چاهي وڏا منصوبا ڪجن يا ٽائونز کي سڌي ريت فنڊ ڏنا وڃن، اچو ته مڪاني ادارن کي مضبوط ڪيون، پيپلزپارٽي عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، عوام ڪنهن جي ڳالهين ۾ نه ايندو،هن چيو ته ڀينس ڪالوني جي عوام کي هن پل جي ڊگهي عرصي کان ضرورت هئي، هتي جي ماڻهن کي وڏو چڪر لڳائڻو پوندو هو، ڪيترائي حادثا به پيش آيا، مون ميئر کي ٽاسڪ ڏنو هو جنهن عوام جي ضرورت کي اهم سمجهندي هڪ سئو ڏينهن اندر هي منصوبو مڪمل ڪري ڏيکاريو جيڪو اڄ مڪمل ٿيو آهي، هن چيو ته هن سال جي بجيٽ ۾ ڪورنگي ڪاز وي مڪمل ڪيو ويو آهي، اڳين چار کان ڇهه هفتن ۾ شاهراهه ڀٽو کي قائدآباد کان ڪاٺوڙ تائين مڪمل ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، هن منصوبي کي وڌيڪ وڌائي ايئرپورٽ تائين ٺاهي رهيا آهيون جنهنجو بنياد جلد رکيو ويندو، هن سال ڪراچي ۾ مختلف ادارا ڪم ڪري رهيا آهن ڪراچي لاءِ ٽي سئو ارب رپين جا منصوبا رکيا ويا آهن جيڪي جون ۾ بجٽ پيش ڪرڻ دوران اسيمبلي ۾ ڳڻائيندس، ميئر ڪراچي آيو ۽ چيو ته ڪجهه منصوبن لاءِ رقم گهرجي جنهنجي جواب ۾ مون کيس چيو ته توهان ڪم ڪيو پيسن جي فڪر نه ڪيو ڇو ته آئون ڪم ڪرڻ تي يقين رکان ٿو، ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه خطاب ڪندي چيو ته جن جي سياست ختم ٿي چڪي آھي اهي حڪومت کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن، جيالو ميئر ڪم ڪري رھيو آھي ڇو ته پيپلز پارٽي ڪم تي يقين تي رکي ٿي، ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي ڪمن جو ڄار وڇايو آھي، تقريب کي ميئر ڪراچي مرتضيٰ وھاب خطاب ڪندي چيو ته اسان ھميشا چوندا آھيون بلاول واعدو ڪندو آھي اھو پورو ڪندو آھي، پل ڀينس ڪالوني جي عوام لاء وڏو مسئلو ھيو جيڪو ڪنھن ٺاھي نه ڏنو پر پيپلز پارٽي پل ٺاھي ڏني، شاھراھ ڀٽو جھڙو منصوبو به پيپلز پارٽي ڏنو، جلد پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قائد آباد کان ڪاٺوڙ تائين شاھراھ ڀٽو جو افتتاح ڪندو، هن چيو ته اسٽيل مل انتظاميا اسٽيل ٽائون ۽ گلشن حديد جو پاڻي بند ڪري ناانصافي ڪئي اسٽيل ٽائون ۽ گلشن حديد واسين کي 50 ڪروڙ جي اسڪيم ڏئي پاڻي فراھم ڪرڻ لاءِ ڪم جاري ڪري ڇڏيو آھي، ميمڻ ڳوٺ ۾ روڊ ٺھي رھيو آھي جنھن جو جلد ڪم مڪمل ٿي ويندو، وزير اعليٰ سنڌ چوندو آھي اوھان ڪم ڪيو پيسن جي فڪر نه ڪيو، ان موقعي تي پيپلز پارٽي ضلع ملير جي صدر ايم پي اي راجا رزاق بلوچ خطاب ڪندي چيو ته ترقياتي ڪم ۽ عوام لاءِ سهولتون پيدا ڪرڻ پيپلز پارٽي جو رواج آهي، ڪجهه ٽانگا پارٽيون احتجاج جو ڊرامو ڪري رهيون آهن، پر عوام انهن کي مسترد ڪري ڇڏيو آهي، هي فلائي اوور 100 ڏينهن ۾ مڪمل ڪئي وئي آهي، ان دوران ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد، وڏي وزير جو خاص معاون محمد سليم بلوچ، ايم پي اي سعديه جاويد، امداد جوکيو، شاهجهان خان، ابراهيم حيدري ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان کان اڳ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب وزيراعليٰ سنڌ کي منصوبي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. بريفنگ موجب ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن ڪلڪ پروجيڪٽ تحت ضلعي ملير ۾ خالد بن وليد فلاءِ اوور ريلوي ڦاٽڪ واري هنڌ تي تعمير ڪيو آهي. بريفنگ دوران آگاهي ڏني وئي ته ڀينس ڪالوني ريلوي ڦاٽڪ تي فلاءِ اوور ۽ لاڳاپيل روڊ جي تعمير تي هڪ ارب 86 ڪروڙ 50 لک پنج هزار 754 رپيا خرچ آيو. منصوبي جو آغاز 21 سيپٽمبر 2025ع تي ڪيو ويو ۽ پنج مهينن جي مختصر مدت ۾ مڪمل ڪيو ويو.