سانگھڙ (رپورٽ: محمد حسين بلوچ) سانگھڙ جي پيرومل ٿاڻي جي حد اندر مبينا طور هڪ زميندار پورهيت کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول جي سڃاڻپ ويرسي ڪولھي جي نالي سان ٿي، مقتول جي وارثنالزام لڳائيندي چيو آهي ته اسماعيل مري پنهنجي ساٿي منجي ڀيل سان گڏجي ويرسي ڪولهي کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ۽ واقعي بعد فرار ٿي ويو، سندن چوڻ موجب جوابدارن سان گڏ ٻي موٽر سائيڪل تي ٻه اڻڄاتل ماڻهو به هئا، جيڪي پڻ واقعي کان پوءِ فرار ٿي ويا. اطلاع ملندي ئي پيرومل پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.