غزا ۾ اسرائيلي قتل عام جاري، 12 فلسطيني شهيد

غزا (م ڊ) اسرائيل غزا ۾ بمباري ڪري 12 فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو ۽ حماس تي جنگ بندي معاهدي جي ڀڃڪڙي جو الزام هنيو. غزا جي صحت کاتي موجب، اسرائيل بي گهر فلسطينين جي ڪيمپ تي بمباري ڪئي، ٻيو حملو خان يونس ۾ ڪيو ويو. هڪ فلسطيني کي غزا جياترئين علائقي ۾ شهيد ڪيو ويو. حماس ترجمان حازم قاسم موجب، اسرائيل قتل عام جو نئون سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٽرمپ جي امن بورڊ جي اجلاس کان اڳ جنگ بندي معاهدي جون ڀڃڪڙيون ڪيون پيون وڃن.

  1. چين جو برطانيا ۽ ڪينيڊا جي شهرين لاءِ ويزا فري داخلا جو فيصلو

بيجنگ (م ڊ) برطانيا ۽ ڪينيڊا واشنگٽن جي تبديل ٿيندڙ مزاج سبب بيجنگ سان ويجها ٿي رهيا آهن. اڱاري کان برطانيا ۽ ڪينيڊا جا شهري بنا ويزا جي چين وڃي سگهندا. ان کان اڳ برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر ۽ ڪينيڊاجي وزيراعظم مارڪ ڪارني بيجنگ جو دورو ڪيو هو جنهن جو مقصد چين سان واپاري لاڳاپا وڌائڻ هو. چيني عملدارن موجب، اها سهولت 31 ڊسمبر تائين ڏني وئي آهي، برطانيا ۽ ڪينيڊا جا شهري سياحت، ڪاروبار يا پنهنجي ويجهن سان ملڻ لاءِ مهيني تائين چين ۾ رهي سگهندا. اهڙي ريت عوامي سطح تي رابطن کي سولو بڻايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.