سنڌ جي تاريخ ثقافت و تمدن جي مالڪي ڪندڙ دادو ضلعي جي ڪاڇي کي ملڪي صوبائي ۽ عالمي سطح تي اجاڳر ڪرڻ لاءِ هن سال به ڪاڇو فيسٽيول جي نالي سان رنگا رنگي تقريبن جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ دادو ضلعي کان علاوه سنڌ جي مختلف علائقن کان پهتل علم ادب تاريخ ثقافت دوست ليکڪن اديبن شاعرن فنڪارن ملهه پهلوانن ڏاڪن هڻڻ جي ماهرن ڪاڇي سان پنهنجي محبت جو ثبوت ڏيندي شرڪت ڀرپور شرڪت ڪئي. شابس آهي ڪاڇي واسي ليکڪن شاعرن اديبن محققن صحافين کي جيڪي گڏجي ڪري گذريل ڪجهه سالن کي ڪاڇي جي عظمت جو احترام ۽ ياد ڪندي فيسٽيول ملهائين ٿا۔ ڪاڇي فيسٽيول ۾ گهريلو هنرن جي نمائش به شامل هئي.
پر ان کي خاص پذيرائي انهيءَ ڪري ملي نه سگهي جو ان ۾ ٻاهرين ماڻهن جي شرڪت نه هجڻ برابر هئي۔ڪاڇي ۾ گهريلو هنرن کي به نظرانداز ڪري نٿو سگهجي جيڪو ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر موڪلي پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو۔خاص ڪري رليون عورتن جا گج پيش جا تڏا واڻ ميٽاوان دلا مٽ اڳٺ ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه تيار ٿين ٿا۔کيرٿر جبلن تي ڄاڱرا ٻير پيرون زيتون جا وڻ به موجود آهن جن جي مالڪي سمال انڊسٽريز ڪارپوريشن ڪري سگهي ٿي۔ڪاڇي ۾ جابلو ٻوٽيون ايتريون ته آهن جو ان مان ديسي دوائون ٺهي سگهن ٿيون جيڪي مختلف بيمارين لاءِ مفيد آهن۔اگم مفيد ٻوٽي آهي جنهن مان اگم جو حلوو جيڪو ڇني ۽ ٽنڊورحيم خان ۾ تيار ٿئي ٿو جوڙن ۽ هڏن جي مرض لاءِ مفيد آهي۔چوڻ جو مطلب ته ڪاڇو سون آهي جنهن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪجي۔ ذڪر ڪاڇي فيسٽيول جو هو ته هي فيسٽيول ٻه ڏينهن هليو جنهن جي پهرين ڏينهن هيرو خان ۾ انجون تقريبون هيون جنهن جو افتتاح ايم پي اي محترمه ادي ڊاڪٽر سجيلا منظور لغاري ڪيو.
۔هي پهريون ڀيرو هو جو ڪاڇي جي ڪنهن گهريلو عورت افتتاح ڪري هڪ مثال قائم ڪيو هونئن به ادي سجيلا ڪاڇي جي مرد آهي جنهن جي خاندان ڪاڇي لاءِ بيمثال قربانيون ڏنيون آهن ۽ ڪاڇي جي وجود کي زنده رکيو آهي۔فيسٽيول جي افتتاح کانپوءِ دهل شرنائن ۽ ڪاڇي جو روايتي ناچ ڏاڪن وارو ٿيو جنهن ۾ ماڻهن پئسا گهوري فنڪارن کي دادو ڏنو۔ڏاڪن وارو ناچ ڪاڇي جو قديمي ناچ آهي جيڪو شادين مرادين تي ٿيندو آهي۔تقريب ۾ ملاکڙو اٺن جي ڊوڙ ۽ گهريلو هنرن جي نمائش پڻ شامل هئي۔ هن موقعي تي ايم پي اي ڊاڪٽر سجيلا منظور لغاري فيسٽيول جي منتظمين کي مبارڪ ڏني ۽ چيو ته ڪاڇي جي ترقي ۽ ماڻهن جي ڀلائي لاءِ هر وسيلو ڪتب آڻبو ۽ ڪوشش ڪبي ته اڳتي هي ميلو شانائتي ۽ مانئتي نموني ڀرپور انداز ۾ لڳي ۽ پوري سنڌ شرڪت ڪري۔گهريلو هنرن کي اڳتي آڻڻ ۽ انجي مارڪيٽنگ لاءِ اپاءَ ورتا ويندا ڪوشش ڪبي ته هيرو خان حاجي خان قصبو ۽ واهي پانڌي ۾ گهريلو هنرن جي سکيا ۽ مارڪيٽنگ وارا مرڪز قائم ڪيا وڃن۔ ڪاڇو فيسٽيول جي ٻئي ۽ آخري ڏينهن تي جوهي ۾ علمي ادبي ۽ ثقافتي تقريب ٿي جنهن جو خاص مهمان ايم اين اي رفيق احمد جمالي هو جڏهن ته ڪاڇي جي برک شخصيت اڳوڻو صلاحڪار ڊاڪٽر بنده علي اڪبر خان لغاري ۽ ٻين بطور مهمانن جي شرڪت ڪئي ۔هن تقريب ۾ ادبي ۽ راڳ رنگ جي به محفل شامل هئي جن ۾ برک اديبن ۽ فنڪارن شرڪت ڪئي ۔ان موقعي تي سردار رفيق احمد جمالي صاحب خطاب ڪندي چيو ته ڪاڇو فيسٽيول ڪرائڻ تي ڪاڇي واسي اڳواڻن قادر لاشاري شبير لاشاري آصف جمالي خليل احمد سومرو ۽ ان جي پوري ٽيم کي جس ڏيان ٿو،جن ڪاڇي جي ثقافت تاريخ هنرن کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ هر سال فيسٽيول ڪرائڻ واري روايت وڌي آهي بهرحال ڪاڇو فيسٽيول هڪ منفرد فيسٽيول هو جنهن جي ثقافت کاتو پاڻ مالڪي ڪري۔ڪاڇي جي تاريخ ۽ ثقافت تي ڪم ڪري خاص ڪري واهي پانڌي حاجي خان هيرو خان ۽ قصبه ۾ سياحتي مرڪز قائم ڪري ميرن ڪلهوڙن جي مقبرن جي بحالي لاءِ ڪم ڪري ته جيئن نه صرف سنڌ پر ملڪ ۽ دنيا جا سياح هتي باآساني پهچي سگهن۔ڪاڇو دنيا جو هڪ معاشي حب بڻجي سگهي ٿو۔