حيدرآباد/دبئي (پ ر/ رپورٽر) ابوظهبي ۾ رھندڙ سنڌين پاران قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي مان ۾آجياڻو ڏنو ويو ۽ کيس اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا، آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ کي رڳو لاش ڏنا پيا وڃن سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي، سنڌ کي وڏيرا شاهي، سرداري نظام، ڌاڙيلن ۽ منشيات فروشن جي حوالي ڪيو ويو آهي، معصوم ماڻهن جا قاتل گرفتار نٿا ڪيا وڃن، سڄي دنيا ۾ رھندڙ سنڌي پنھنجي وطن، قومي حقن سان جڙو پنھنجي پاڻي سان جڙو پنھنجي وسيلن سان جڙو پنھنجي زمينن سان جڙو، دنيا ۾ جتي به جنگيون يا حملا ٿي رهيا آهن، انهن جو اصل ڪارڻ وسيلا آهن،يوڪرين هجي يا وينزويلا، سڀ حملا وسيلن جي ڪري ٿي رهيا آهن ۽ اڳتي هلي ايران تي به اهڙي ئي نظر آهي، بلڪل ائين ئي سنڌ جي وسيلن تي به ٻين ملڪن، ٻين صوبن ۽ وفاق جون نظرون آهن، سنڌ ۾ مافياز جو راڄ آھي منشيات، ڦورو، ڌاڙيل، لينڊ گريبر، نقلي دوائون، نقلي ڀاڻ، ٻي ٻج، کاڌي پيتي جي شين ۾ ڪيميڪل جي ملاوٽ ڪندڙ ۽ ٻي مافيا ايتري طاقتور آھي جو انھن خلاف ڪير به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي.