عمران خان کي جيل رولز تحت علاج جون سهولتون ملڻ گهرجن:زين شاهه

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪمار اوڏ) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي وائيس چيئرمين ۽ ايس يو پي سنڌ جي صدر سيد زين شاهه  سڪرنڊ ۾ سيد محبوب شاهه جي رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان کي جيل رولز تحت علاج جون سهولتون ملڻ گهرجن، ڇو ته اهو سندس بنيادي حق آهي، ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم کي علاج نه ملڻ افسوسناڪ عمل آهي، ملڪ اندر سازشن جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي ۽ جعلي حڪومت آڻي مرضي جا نمائندا مقرر ڪيا ويا آهن، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ کي ربڙ اسٽيمپ بڻايو ويو آهي ۽ ملڪ جي جمهوري ۽ پارلياماني نظام کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، هن دعويٰ ڪئي ته هاڻ پارليامينٽ جي بالادستي باقي نه رهي ۽ هڪ مخصوص گروهه کي طاقتور بڻايو ويو آهي، سيد زين شاهه چيو ته نيب کي گهربل ماڻهن کي ملڪ جو سربراهه بڻايو پيو وڃي، جڏهن ته ملڪ چند ماڻهن کي طاقتور بڻائڻ لاءِ نه ٺهيو آهي، هتي شفاف چونڊ نظام آڻڻ ضروري آهي، هن الزام لڳايو ته سنڌ جي سامونڊي پٽي وڪرو ڪئي پئي وڃي ۽ صوبي ۾ بي ايمان ماڻهن کي حڪومت ڏني وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.