اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)حڪومت پي ٽي آءِ باني عمران خان لاءِ 2 ڊاڪٽرن تي مشتمل ميڊيڪل پينل قائم ڪري ڇڏيو آهي،ميڊيڪل پينل ۾ ڊاڪٽر امجد ۽ ڊاڪٽر نديم قريشي شامل آهن،ذريعن موجب ميڊيڪل پينل ٿوري دير ۾ باني پي ٽي آءِ جو معائنو ڪندو، جنهن کان پوءِ باني پي ٽي آءِ کي اسپتال منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.ان کان اڳ وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ چيو هو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي اکين جي جاري علاج جي تسلسل ۾ وڌيڪ معائنو ڪيو ويندو.عمران خان جي اکين جو علاج ماهرن کان هڪ خصوصي اسپتال ۾ ڪرايو ويندو۔ هن وڌيڪ ٻڌايو ته ان علاج ۽ جاچ بابت تفصيلي رپورٽ به سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ويندي،هن زور ڀريو ته هن معاملي بابت قياس آرائين، بي بنياد خبرن ۽ ذاتي مفاد لاءِ ان کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوششن کان پاسو ڪيو وڃي۔ٻئي پاسي وفاقي وزير اطلاعات عطا الله تارڙ چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ عمران خان کي علاج لاءِ ڪهڙي اسپتال منتقل ڪيو ويندو، ان بابت في الحال پوري يقين سان نه ٿو چئي سگهجي، پر ڊيل جو تاثر غلط آهي،نجی ٽي وي سان ڳالهائيندي عطا الله تارڙ چيو ته پمز پاران جاري رپورٽ ۾ عمران خان جي اک جي 85 سيڪڙو نظر وڃڻ بابت ڪا ڳالهه نه هئي، ڊاڪٽرن تصديق ڪئي ته انهن جي اکين سان سنگين مسئلو ناهي. انهن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويندو، پر اهو اڃا نه ٿو چئي سگهجي ته ڪهڙي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويندو.اهو تاثر غلط آهي ته عمران خان لاءِ ڪا ڊيل ڪئي پئي وڃي، جنهن سان هر ڪو مطمئن ٿيندو. انهن جي صحت تي سياست نه ڪرڻي آهي ۽ نه ٿيڻ گهرجي. انهن کي پروسيجر تحت بروقت علاج مهيا ڪيو ويندو،هن چيو ته عمران خان جي معائني لاءِ بهترين طبي ماهرن تائين رسائي ممڪن بڻائي پئي وڃي. اسان درخواست ڪئي آهي ته صحت بابت قياس آرائيون نه ڪيون وڃن. باني پي ٽي آءِ جي اکين ۾ مسئلو آهي، پر ڪا حياتي خطري جي ڳالهه ناهي. ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته بهترين آنکھن جي اسپيشلسٽ سان انهن جو علاج ڪيو وڃي.
اسلام آباد(بيورو+عوامي آواز نيوز)وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو آهي ته عمران خان جي صحت جي پيش نظر هن کي اسپتال منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،وفاقي حڪومت ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو فيصلو به ڪيو آهي،هن چيو ته عمران خان کي پنهنجي پٽن سان ڳالهائڻ جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي، حڪومت انساني همدردي ۽ قانوني گهرجن کي مقدم رکي ٿي،هر قيدي کي قانون مطابق سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي،صحت جهڙي حساس معاملي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي،هن چيو ته پي ٽي آءِ کي گهرجي ته بي بنياد پروپيگنڊا يا سياسي پوائنٽ اسڪورنگ کان پاسو ڪري،قومي سنجيدگي ۽ برداشت جو مظاهرو ڪري
اسلام آباد(بيورو+عوامي آواز نيوز)پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي جنرل سيڪريٽري سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته کين ٻڌايو ويو آهي ته حڪومت عمران خان کي شفا انٽرنيشنل اسپتال وٺي وڃڻ لاءِ رضامند ٿي وئي آهي۔پارليامينٽ هائوس مان جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ هن چيو ته معلوم ٿيو آهي ته باني پي ٽي آءِ جي پٽن سان به ڳالهه ڪرائي وئي آهي۔هن وڌيڪ چيو ته کين آگاهه ڪيو ويو آهي ته حڪومت باني پي ٽي آءِ کي علاج لاءِشفا انٽرنيشنل اسپتال وٺي وڃڻ تي راضي آهي ۽ باني جي خاندان جي هڪ فرد کي ساڻس ملاقات جي به اجازت ڏني ويندي۔سلمان اڪرم راجه جو چوڻ هو ته باني پي ٽي آءِ جو مناسب ۽ صحيح علاج ٿيڻ سندس بنيادي حق آهي ۽ ان معاملي ۾ دير نه ٿيڻ گهرجي، ٻئي پاسي تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان اپيل ڪئي آهي ته عمران خان جي علاج لاءِ عالمي برادري پنهنجو ڪردار ادا ڪري،عمران خان جي اسپتال منتقلي تائين پارليامينٽ هائوس آڏو ڌرڻو جاري رهندو