ڪاٺوڙ خوفناڪ حادثي جو وڌيڪ زخمي ٻارڙو فوت

ملير/ ڪوٽڙي (نمائندن وتان) ايم نائن موٽروي ڪاٺوڙ ڀرسان پيش آيل افسوسناڪ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل هڪ ٻيو ٻار به علاج دوران فوت ٿي ويو، ريسڪيو ذريعن موجب 3 ورهين جو عمران ولد عامر جان جيڪو سخت زخمي حالت ۾ سول اسپتال داخل ڪيو ويو هو جيڪو زخمن جي سٽ نه سگهندي فوت ٿي ويو، هن دل ڏکوئيندڙ حادثي ۾ هاڻي تائين فوت ٿيلن جو انگ وڌي 14 ٿي ويو آهي جڏهن ته ٻين زخمين جو علاج جاري آهي، ٻئي پاسي حادثي ۾ فوت ٿيل ڪوٽڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جي 12 ڀاتين جي  جنازي نماز ادا ڪئي وئي، فوت ٿيلن ۾ 6 ورهين جا عمران، حسينا ۽ عافيا، 7 ورهين جا ارشاد ﷲ ۽ عادل، 5 ورهين جي مناهل، 4 ورهين جي صبا، 8 ورهين جي ناديا، 12 ورهين جي جميلا، 36 ورهين جي فاطما، 40 ورهين جو عامر جان ۽ 32 ورهين جو احسان ﷲ شامل آهن سمورن فوتين کي مقامي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.