حيدرآباد هاءِ ڪورٽ بار جي چونڊ، اياز تنيو صدر چونڊجي ويو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ هاءِ ڪورٽ بار جي چونڊن ۾ غير حتمي نتيجن موجب صدر لاءِ ايڊووڪيٽ اياز تنيو صدر چونڊجي ويو  آهي. سندس مقابلي ۾ بيٺل ايڊووڪيٽ ڪي بي لغاري هارائي ويو، جڏهن ته جنرل سيڪٽري جي سيٽ تي ايڊووڪيٽ شهزاد شاهه ايڊووڪيٽ جواد قريشي کي شڪست ڏئي ڪامياب ٿي ويو، حيدرآباد هاءِ ڪورٽ بار ۾ سالياني چونڊ ٿي گذري، پولنگ صبح کان شام تائين جاري رهي، ان ڏس ۾ غيرحتمي نتيجن موجب صدر جي سيٽ تي ايڊووڪيٽ اياز تنيو وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي ويو، سندس مقابلي ۾ بيٺل ڪي بي لغاري هارائي ويو، جڏهن ته جنرل سيڪٽري جي عهدي تي شهزاد شاهه ڪامياب ٿي ويو، سندس مقابلي ۾ بيٺل جواد قريشي هارائي ويو. نائب صدر جي سيٽ تي ٻنهي عهديدارن طرفان 6 مهينا عهديدار رهڻ ڪري ايڊجيسٽمينٽ ڪئي وئي، جڏهن ته جوائنٽ سيڪريٽري، لائبريرين، خزانچي ۽ ايم ايم سي جي عهديدارن جا نتيجا رات دير تائين نه اچي سگهيا هئا. حيدرآباد سميت 9 ضلعن مان ساڍا 7 هزار وڪيل ووٽر آهن. جڏهن ته چونڊن ۾ ووٽن جو ٽرن آئوٽ گهٽ رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.