فيض جي شاعري، فڪر ۽ مزاحمتي ورثو اڄ به زنده آهي

ڊاڪٽر عبدالخالق جانوري 

برصغير جي فڪري ۽ ادبي تاريخ جو ھڪ اهڙو نالو، جيڪو وقت جي وهڪري سان گڏ وڌيڪ روشن ٿيندو ويو. برٽش انڊيا جي شهر ناروال ڀرسان ڳوٺ ڪالا قادر ۾، هڪ سيالڪوٽي گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ فيض احمد 13 فيبروري 1911ع ۾ وقت سان گڏ شاعريءَ جي افق تي فيض احمد فيض جي نالي سان اڀري آيو ۽ ترقي پسند ادب جو سڀ کان سگهارو آواز بڻجي ويو. فيض جي شاعري رڳو لفظن جي سجاوٽ نه هئي، پر اها سماجي شعور، سياسي سجاڳي ۽ فڪري مزاحمت جو اظهار هئي. پاڪستان اندر ترقي پسند تحريڪ کي فڪري روح ڦوڪيندڙ هن شاعر، ڪميونسٽ خيالن کي انساني درد، محبت ۽ اميد سان ڳنڍي اهڙي شاعري تخليق ڪئي، جيڪا اقتداري جبر، طبقاتي ناانصافين ۽ انساني استحصال خلاف سوال اٿاريندي رهي. فيض احمد فيض جي اهميت انهيءَ ڪري به نمايان آهي جو هن شاعريءَ کي عوامي احساسن جو ترجمان بڻايو ۽ ادب کي سماج سان ڳنڍي، شاعريءَ کي نئون فڪري رخ عطا ڪيو.

فيض احمد فيض جي شخصيت جي فڪري ۽ عملي تشڪيل ۾ سندس خانداني پسمنظر ۽ تعليمي تربيت اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس والد هڪ قابل وڪيل هو، جيڪو افغانستان جي بادشاهه امير امان الله خان جو چيف سيڪريٽري پڻ رهيو. اهو ئي والد هو، جنهن امان الله خان جي آتم ڪٿا قلمبند ڪئي، جنهن مان فيض کي ننڍپڻ کان ئي علم، سياست ۽ تاريخ سان ويجهڙائپ نصيب ٿي. فيض جي ماءُ فاطمه هئي، جنهن جي تربيت ۽ شفقت به سندس مزاج ۾ نرمي ۽ انساني احساس پيدا ڪرڻ جو سبب بڻي.

فيض احمد فيض شاعريءَ ڏانهن لاڙو شاگرديءَ جي زماني ۾ ئي اختيار ڪيو. اسڪاچ مشن اسڪول سيالڪوٽ ۾ ڏهين درجي دوران هن شاعري لکڻ شروع ڪئي، جيڪا اڳتي هلي فڪري اظهار جو مضبوط ذريعو بڻجي ويئي. اعليٰ تعليم لاءِ هن گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان گريجوئيشن ڪئي ۽ 1932ع ۾ ساڳئي اداري مان انگريزي ادب ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي. تعليم سان گڏ فيض جي ذهن ۾ ادب کي سماج سان ڳنڍڻ جو شعور به پختو ٿيندو ويو.

1935ع ۾ محمدن اينگلو اورينٽل ڪاليج امرتسر ۾ انگريزي ۽ برطانوي ادب جو ليڪچرار مقرر ٿيڻ سان فيض جي فڪري دنيا کي وڌيڪ وسعت ملي. 1936ع ۾ سجاد ظهير ۽ صاحبزادي محمود الظفر سان گڏجي انجمن ترقي پسند مصنفين جو بنياد وجهڻ، سندس ادبي ۽ سياسي سوچ جو واضح اظهار هو. هي تنظيم اڳتي هلي برصغير ۾ ترقي پسند ادب جي تحريڪ جو مرڪز بڻجي سامهون آئي.

ٻي عالمي جنگ دوران فيض عملي زندگيءَ ۾ به اهم ذميواريون سنڀاليون. 1942ع ۾ فوج ۾ ڪيپٽن طور شامل ٿيو ۽ جنرل اڪبر خان جي نگراني هيٺ عام تعلقات جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. ٿوري ئي عرصي ۾ 1943ع ۾ ميجر ۽ 1944ع ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل جي عهدي تائين پهچڻ، سندس صلاحيتن جو اعتراف هو. بهرحال، 1947ع ۾ فوج مان استعفيٰ ڏئي لاهور ۾ رهائش اختيار ڪيائين ۽ پاڪستان ٽائمز اخبار جو ايڊيٽر بڻيو، جتي صحافت کي به فڪري جدوجهد جو ذريعو بڻايو.

ساڳئي سال سجاد ظهير، جلال الدين عبدالرحيم ۽ ٻين ساٿين سان گڏجي پاڪستان ڪميونسٽ پارٽي جي بنياد رکڻ سان فيض پنهنجي سياسي وابستگيءَ کي کليل نموني سامهون آندو. 1948ع ۾ پاڪستان ٽريڊ يونين فيڊريشن جو نائب صدر چونڊجڻ، مزدور طبقي سان سندس فڪري ۽ عملي همدرديءَ جو ثبوت هو.

فيض جي ذاتي زندگي به سندس فڪر وانگر غيرمعمولي هئي. 1941ع ۾ هن برطانوي شهري ايلس جارج سان سرينگر ۾ شادي ڪئي، جنهن جو نڪاح شيخ محمد عبدالله پڙهايو. هي شادي رڳو ذاتي تعلق نه، پر ثقافتي ۽ فڪري هم آهنگيءَ جي علامت پڻ هئي، جنهن فيض جي شخصيت کي وڌيڪ وسعت ۽ عالمي رنگ عطا ڪيو.

راولپنڊي سازش ڪيس پاڪستان جي سياسي تاريخ جو اهو اهم ۽ تڪراري باب آهي، جنهن نه رڳو رياستي سياست جو رخ بدلائي ڇڏيو، پر فيض احمد فيض جهڙن فڪري ماڻهن جي زندگين تي به گهرو اثر ڇڏيو. وزيراعظم لياقت علي خان جي آمريڪا جي دوري کان پوءِ ملڪ اندر ڪميونسٽ پارٽي ۽ پاڪستان سوشلسٽ پارٽيءَ تي پابندي لڳائڻ، اُن سياسي ماحول جي عڪاسي ڪري ٿو، جتي اختلافِ راءِ کي قومي سلامتيءَ لاءِ خطرو سمجهيو ويو.

ان ئي پس منظر ۾ 23 فيبروري 1951ع تي ميجر جنرل اڪبر خان جي راولپنڊي واري گهر ۾ هڪ خفيه گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ڪجهه ٻيا آفيسر، فيض احمد فيض ۽ سجاد ظهير به شريڪ هئا. حڪومت طرفان اهو الزام هنيو ويو ته هن ميٽنگ ۾ لياقت علي خان جي حڪومت کي ڪيرائڻ بابت منصوبا تجويز ڪيا ويا. انهن الزامن جي بنياد تي گرفتارين جو سلسلو شروع ٿيو ۽ ڪيس داخل ڪيو ويو، جيڪو تاريخ ۾ راولپنڊي سازش ڪيس جي نالي سان مشهور ٿيو.

فيض احمد فيض کي 9 مارچ 1951ع تي گرفتار ڪيو ويو ۽ بنا ڪنهن حتمي فيصلي جي، چار سال مختلف جيلن جنهن ۾ سرگوڌا، ساهيوال، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ قيد رکيو ويو. هي قيد فيض لاءِ رڳو سزا نه، پر فڪري آزمائش جو دور پڻ هو. ان ئي عرصي دوران هن جا ڪيترائي يادگار نظم تخليق ٿيا، جيڪي بعد ۾ "زندان نامہ” جي صورت ۾ سامهون آيا، جن ظلم، قيد ۽ آزاديءَ جي فڪر کي لازوال شاعريءَ ۾ بدلائي ڇڏيو.

2 اپريل 1955ع تي آزادي ماڻڻ کان پوءِ، فيض پاڪستان جي سياسي فضا کان پري ٿيڻ لاءِ لنڊن هليو ويو، جتي هن خاندان سميت رهائش اختيار ڪئي. 1964ع ۾ لنڊن مان واپسي بعد ڪراچيءَ جي عبدالله هارون ڪاليج جو پرنسپال مقرر ٿيو، جتي هن تعليم کي به سماجي شعور سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي.

فيض احمد فيض جي زندگيءَ جو آخري دور به فڪري ۽ سرڪاري ذميوارين سان ڀريل رهيو. 1972ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کيس وزارتِ ثقافت ۽ تعليم جو صلاحڪار مقرر ڪيو، جنهن سان رياست ۽ فڪر جي وچ ۾ هڪ نئون لاڳاپو جڙيو. 1979ع ۾ ملڪ ڇڏي بيروت ۾ رهائش اختيار ڪيائين، پر لبنان ۾ خانہ جنگي شدت اختيار ڪرڻ سبب 1982ع ۾ واپس پاڪستان موٽي آيو. آخرڪار  20 نومبر 1984ع ۾ لاهور ۾ سندس وفات ٿي، پر فيض جو فڪر، شاعري ۽ مزاحمتي ورثو اڄ به زندهه آهي ۽ هر دور جي سوالن کي آواز ڏئي رهيو آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.