اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي صحت ۽ اڊيالا جيل ۾ سهولتن بابت رپورٽ منظرعام تي اچي وئي. هي رپورٽ عمران خان کي جيل ۾ ملندڙ سهولتن، سندس صحت ۽ جيل جي دوري جي روشني ۾ ترتيب ڏنل سفارشن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته عمران خان جي ساڄي اک جي نظر رڳو 15 سيڪڙو بچي آهي. عمران خان بابت سپريم ڪورٽ جي مقرر ڪيل عدالتي مددگار بئريسٽر سلمان صفدر جي رپورٽ سامهون اچي وئي. توشاخانا فوجداري ڪيس جي ٻڌڻي دوران بئريسٽر سلمان صفدر کي عدالت مددگار مقرر ڪيو ويو هو. بئريسٽر سلمان صفدر عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪندي ٻڌايو ته هو عدالتي حڪم تي منجهند 2 وڳي اڊيالا جيل پهتو. جيل سپرنٽينڊنٽ زور ڀريو ته احاطي جو معائنو ڪرڻ کان اڳ هو عمران خان سان ملاقات ڪري. هن ڪانفرنس روم ۾ ملاقات ڪئي جيل عملدار به موجود هئا. هن چيو ته عمران خان کي آگاهه ڪيو ويو ته هو عدالتي حڪم تي فرينڊ آف ڪورٽ طور حالتن جو جائزو وٺڻ آيو آهي. ملاقات 2.35 کان ساڍي پنجين وڳي تائين جاري رهي. عمران خان ٻڌايو ته اڊيالا جيل منتقلي کانپوءِ کيس مخصوص سيل ۾ رکيو ويو آهي جتي هو اڪيلو قيد ڀوڳي رهيو آهي. رپورٽ موجب، عمران خان ٻڌايو ته گذريل ٽن مهينن دوران سندس نظر گهٽجي وئي آهي، آڪٽوبر 2025 تائين سندس اکيون بلڪل ٺيڪ هيون جنهن کانپوءِ ڌنڌلاهٽ محسوس ٿيڻ لڳي ۽ وري وري شڪايت باوجود جيل عملدارن طرفان معاملي تي ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي، تنهن بعد ساڄي کي جي نظر اوچتو مڪمل ختم ٿي وئي. سلمان صفدر موجب، هن عمران خان جو ميڊيڪل طلب ڪيو ته جيل سپرنٽينڊنٽ ٻڌايو ته ميڊيڪل رڪارڊ هن وٽ ناهي پر فيملي ۽ سوشل ميڊيا تي موجود آهي. تنهن بعد کيس 6 فيبروري تي 2026 جي هڪ رپورٽ ڏني وئي پر ان ۾ بيماري جا مڪمل تفصيل موجود نه هئا. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پمز اسپتال جي ڊاڪٽر محمد عارف عمران خان جو طبي معائنو ڪيو ۽ ٻڌايو ته رت ڄمڻ جي ڪري سندس اک کي نقصان پهتو آهي. علاج باوجود هاڻي سندس ساڄي اک جي نظر رڳو 15 سيڪڙو رهجي وئي آهي. سلمان صفدر رپورٽ ۾ لکيو آهي ته ملاقات دوران هن نوٽ ڪيو ته عمران خان اک جي ڪري تڪليف ۾ هو ۽ وري وري ٽشو پيپر سان پنهنجون اکيون صاف ڪري رهيو هو. عمران خان کي جيل ۾ سهولتن بابت رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته سندس معمولات ۾ صبح جي وقت نيرن، قرآن پاڪ جي تلاوت، جسماني ورزش جڏهن ته شام جي وقت واڪ شامل آهي. ان کانسواءِ شام ساڍي پنجين وڳي کان صبح 10 وڳي تائين کيس سيل ۾ رکيو ويندو آهي. عمران خان جيل ۾ حفاظتي اپائن، کاڌي پيتي جي سهولتن ۽ سڪيورٽي انتظامن تي مطمئن ناهي. عمران خان وڪيلن ۽ گهرڀاتين سان ملاقات نه ڪرائڻ جي شڪايت ڪئي ۽ ٻڌايو ته رڳو کيس زال سان هفتي ۾ هڪ ڀيرو 30 منٽن لاءِ ملاقات ڪرائي وڃي ٿي. سلمان صفدر موجب، عمران خان سان ملاقات بعد هن سيل جو دورو ڪيو. عمران خان لاءِ مخصوص سيل ۾ اس ۽ ورزش لاءِ گرين ايريا، ڪچن، واڪ لاءِ صحن ۽ سيل 100 ڪتاب موجود آهن. رپورٽ موجب، سندس سيل ۾ موجود ٽي وي ڪم نٿي ڪري ۽ گرمي جي موسم ۾ سيل ۾ مڇرن ۽ جيتن جي ڪري ڏکيائيون آهن. سيل ۾ ريفريجريٽر نه هجڻ سبب به ڏکيائيون آهن. سلمان صفدر سفارش ڪئي ته عمران خان جي نظر جي معاملي تي ميڊيڪل بورڊ کان معائنو ڪرايو وڃي. تي وي کي ٺيڪ ڪرايو وڃي ۽ ڪتابن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. ان کانسواءِ وڪيلن تائين بنا رنڊڪ رسائي، گهرڀاتين سان ملاقات يا ڳالهه ٻولهه ۽ سيل مان مڇرن ۽ جيتن جي خاتمي ۽ بنيادي ضورت جي شين جي فراهمي جي سفارش ڪئي وئي. ان کان اڳ سپريم ڪورٽ ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف توشاخانا فوجداري ڪيس جي ٽرائل خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ان ئي ڪيس جي ٻڌڻي دوران سلمان صفدر جي عمران خان جي صحت بابت رپورٽ به عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. سلمان صفدر رپورٽ جون سفارشون پڙهي ٻڌايون ۽ استدعا ڪئي ته عمران خان جو طبي معائنو سندس ڪنهن گهرڀاتي جي موجودگي ۾ ڪرايو وڃي. عدالت گهرڀاتي جي موجودگي ۾ ميڊيڪل ڪرائڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ عمران خان جي اک جي معائني جي هدايت ڏيندي چيو ته ڊاڪٽرن جي هڪ ٽيم ٺاهي وڃي. عدالت حڪم ڏنو ته عمران خان جي اک جو چيڪ اپ 16 فيبروري کان اڳ مڪمل ڪيو وڃي. عدالت عمران خان کي ڪتاب ڏيڻ جي اجازت ڏني ته جيئن هو مطالعو جاري رکي سگهي. ٻڌڻي دوران عدالت عمران خان کي پنهنجي ٻارن سان فون تي ڳالهائڻ جي به هدايت ڪئي ۽ چيو ته اهو عمل به 16 فيبروري کان اڳ مڪمل ڪيو وڃي. اٽارني جنرل عدالت کي يقين ڏياريو ته سڀني عدالتي حڪمن تي عمل يقيني بڻايو ويندو.