بي ايل اي سربراهه بشير زيب جي سِر جي قيمت 25 ڪروڙ مقرر

ڪوئيٽا(عوام آواز نيوز)بلوچستان جي حڪومت شدت پسندي سان لاڳاپيل انتهائي گهربل ماڻهن جا نالا اخبارن ۾ شايع ڪيا آهن۔ اربع ڏينهن مقامي اخبارن ۾ شايع ٿيل اشتهارن ۾ انهن گهربل ماڻهن جي مٿي تي مقرر ڪيل انعامي رقمون به ظاهر ڪيون ويون آهن۔ مجموعي طور تي 39 ماڻهن جا نالا جاري ڪيل فهرست ۾ شامل آهن، جن ۾ پرڏيهي ملڪن ۾ رهندڙ ڪجهه ماڻهو به شامل آهن۔ صوبائي حڪومت جي جاري ڪيل فهرست ۾ ڪالعدم بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) جي سربراهه بشير زيب ۽ ڪپتان رحمان گل جا نالا پڻ شامل ڪيا ويا آهن۔ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ انهن ٻنهي جي مٿي تي سڀ کان وڌيڪ انعام مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو 25، 25 ڪروڙ رپيا آهي۔ٽئين نمبر تي سڀ کان وڌيڪ انعام مير سفير احمد لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو 15 ڪروڙ رپيا آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.