فوج چئن ضلعن جي آهي، سڀني صوبن کي جائز نمائندگي ملڻ گهرجي\محمود اچڪزئي

اسلام آباد(بيورو+عوامي آواز نيوز)قومي اسيمبلي ۾ حزبِ اختلاف جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته پاڪستان اسان جو ملڪ آهي ۽ اسان کي آبادي جي حساب سان پنهنجو حصو گهرجي، اسان کي حقِ حڪمراني ۾ به پنهنجو حصو ملڻ گهرجي۔قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي محمود خان اچڪزئي چيو ته فوج ۾ ڪهڙي صوبي جو ڪيترو حصو آهي؟اسپيڪر اياز صادق ريمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان فوج بابت ڳالهه نه ڪريو، شهيدن بابت ڳالهه ڪريو،محمود اچڪزئي چيو ته اسان انگريزن خلاف سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون، هتي جا ڪجهه ماڻهو انگريزن سان گڏ هئا ۽ اسان سان وڙهندا رهيا۔ پاڪستان اسان جو ملڪ آهي، اسان کي آبادي جي حساب سان پنهنجو حصو گهرجي،هن چيو ته اسان کي حقِ حڪمراني ۾ به پنهنجو حصو ملڻ گهرجي، اسان اهو تعصب جي بنياد تي نٿا ڪريون جيستائين توهان افغانستان کي پنجون صوبو چوندا ته توهان جا لاڳاپا درست نٿا رهي سگهن،اوهان اڳ چيو هو ته بنگالي فوج لاءِ مناسب ناهن۔هن چيو ته مان هن ملڪ جو رهواسي آهيان ۽ جمهوريت جي مخالفن خلاف ڳالهائيندس۔ توهان اسان کي جمهوريت جي حمايت ڪرڻ تي سزائون ڏنيون ۽ توهان پشتونن جي معاشي خودڪشي ڪرائي،هن  چيو ته نواز شريف چيو هو ته افغانن کي شهريت ڏيڻ ۾ ڪا برائي ناهي۔ هن سوال ڪيو ته ڇا هي پارليامينٽ مارشل لا کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ آهي؟هن وڌيڪ چيو ته جيڪا فوج آئين جي دائري ۾ رهي ٿي، ان کي سلام پيش ڪريون ٿا۔جناب اسپيڪر! توهان اسان جا ڪسٽوڊين آهيو،فوج پاڪستان جي چئن ضلعن جي فوج آهي، پنجاب جي آبادي ڪيتري آهي، سنڌ جي آبادي ڪيتري آهي، بلوچن جي آبادي ڪيتري آهي، سرائيڪين جي آبادي ڪيتري آهي، پشتونن جي آبادي ڪيتري آهي؟ اسان کي آبادي جي بنياد تي پنهنجو حق ملڻ گهرجي، پشتون، بلوچ، سنڌي، پنجابي، سرائيڪي، سڀني کي حق ملن،هن چيو ته اهو ممڪن آهي ته هتي جمهوري پاڪستان هجي، طاقت جو سرچشمو پارليامينٽ هجي، ووٽن جي عزت هجي، ووٽن جي بنياد تي پرڏيهي۽ داخلي پاليسيون ٺاهيون وڃن. هاڻي ڇا ٿي رهيو آهي؟ بار بار اسان کي ڪنهن کي الزام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.