ڄامشورو(رپورٽ : صدرالدين جوڻيجو) ڄامشورو ۾ پورهيت عورت صبرين پٺاڻ کي قتل ڪرڻ واري واقعي جو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نوٽيس ورتو آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گهرو وزير ضياءُ لنجار کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته آئي جي سنڌ جاويد عالم اوڍو جي هدايت تي ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق ڌاريجو ۽ ايس ايس پي ڄامشورو ظفر صديق ڇانگا جي اڳواڻي ۾ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ملڻ واري هنڌ جو معائنو ڪيو. ان دوران پوليس ڪيس ۾ نامزد ڄاڻايل جوابدارن جي گهرن ۽ سامان کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو، علائقي جي ماڻهن موجب گهرن ۾ موجود عورتن ۽ ٻارڙن کي گم ڪيو ويو. ان موقعي تي ڊي آئي جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو جو چوڻ هو ته واقعي جي گهڻ رخي جاچ جاري آهي، جوابدارن جا ڪجهه سھولتڪار گرفتار ڪيا آهن، گهربل جوابدار به جلد گرفتار ڪيا ويندا. ڊي آئي جي حيدرآباد جو وڌيڪ چوڻ هو ته شروعاتي جاچ دوران لڳي رهيو آهي ته عورت کي زيادتي بعد قتل ڪيو ويو آهي، جوابدارن کي هرگز معاف نه ڪيو ويندو، سمورن جوابدارن ۽ سندن سهولتڪارن کي گرفتار ڪري کين قانون موجب سزا ڏياري ويندي، جڏهن ته ڄامشورو جي ٿرمل پاور ھائوس ڀرسان جابلو علائقي جي ڳوٺ محمد کوسو وٽان ڪپڙو وڪرو ڪندڙ عورت صبرين ڌيءَ غلام رسول مروت پٺاڻ جي گمشدگي بعد تشدد ٿيل لاش ملڻ واري مامري بعد سرڪار جي فرياد تي ڄامشورو جي اي سيڪشن ٿاڻي تي اي ايس آءِ قربان پنھور جي فرياد تي قتل ٿيل عورت جي مڙس بابر علي لکي مروت پاران داخل ڪيل اين سي رپورٽ جي آڌار تي 5 سڃاتل ۽ 8 اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته معشوق پٽ غفور کوسو، دادن پٽ لطيف کوسو، راڻو پٽ نواز علي کوسو، جاني پٽ بشام کوسو ۽ نورو کوسو 8 اڻڄاتل جوابدارن سان گڏجي صبرين پٺاڻ کي گھر اندر زنا ڪرڻ جي نيت سان اغوا ڪري ان جو خون ڪيو آھي، پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان پوءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي، عورت صبرين جي قتل ٿيڻ بعد ڳوٺ محمد کوسو مان شڪي ماڻھو گھر خالي ڪري اڻڄاتل ھنڌ فرار ٿي ويا، ڄامشورو پوليس عورت جي قتل ۾ ڪافي شڪي گرفتاريون شروع ڪندي ٻڌ ڇوڙ جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف مقتولا ناري جو لاش وارث ڪي پي ڪي کڻائي ويا آهن، ڪي پي ڪي واسڻ عورت صبرين پٺاڻ جي اغوا دوران واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ وارثن کان پيسا گھرڻ جي الزام ھيٺ ايس ايڇ او سجاد جمالي کي ريورٽ ڪري معطل ڪيو ويو آهي، ڊي آئي جي حيدرآباد طارق ڌاريجو سوشل ميڊيا تي هلندڙ پوليس پاران صبرين پٺاڻ معاملي تي سندس وارثن کان پئسا گهرڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي ڄامشورو اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او سجاد جمالي کي رورٽ ڪندي معطل ڪري ڇڏيو آهي. هٽايل ايس ايڇ او سجاد جمالي تي اهي به الزام آهن ته عورت جو لاش هٿ اچڻ کان اڳ گرفتار ڪيل سمورن جوابدارن کي هُن بااثر کان رشوت وٺي آزاد ڪري ڇڏيو هو.
-
ايس ايس پي حيدرآباد مقتول عورت جي وارثن وٽ پهتو
ڄامشورو: آئي جي سنڌ پوليس پاران مقتول عورت جي واقعي جي جاچ لاءِ مقرري کان پوءِ ايس ايس پي حيدرآباد عديل احمد چانڊيو ڄامشورو جي ايس ايس پي ڄامشورو ظفر صديق ڇانگا سان گڏ قتل ٿيل عورت صبرين پٺاڻ جي تڏي تي پهچي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي. حيدرآباد ٽول پلازا ويجهو قائم خانا بدوشن جي جهوپڙين ۾ ايس ايس پي حيدرآباد عديل چانڊيو ۽ ايس ايس پي ڄامشورو ظفر صديق ڇانگا پهچي مقتولا صبرين پٺاڻ سان ڏک جو اظهار ڪندي کين يقين ڏياريو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن ۽ سهولتڪارن جي گرفتاري تائين آپريشن جاري رکيو ويندو. ايس ايس پي ڄامشورو ظفر صديق ڇانگا جو چوڻ هو ته انصاف جي فراهمي تائين ڪارروائي جاري رکي ويندي.