ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جون ڳالهيون آئين جي خلاف آهن:نثار کهڙو

حيدرآباد(رپورٽر) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو چيو آهي ته سنڌ ۾ نئون صوبو ٺاهڻ جو مطالبو سنڌ جي عوام ۾ نفرتون وڌائڻ جي سازش آهي. آئيني طور تي نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ لاڳاپيل صوبائياسيمبلي کان ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان قرارداد جي منظوري لازمي هوندي آهي پر جيستائين پيپلز پارٽي سنڌ اسيمبلي ۾ اڪثريت ۾ آهي تيستائين سنڌ ۾ نئون صوبو ڪڏهن به نه ٺھندو. اهڙن خيالن جو اظھار هن اربع ڏينهن پيپلز سيڪريٽريٽ حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پيپلز پارٽي حيدرآباد ڊويزن جو صدر عاجز ڌامراهه، ايم اين اي پير آفتاب شاهه، علي محمد سهتو، پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر جو ترجمان شڪيل ميمڻ سميت ٻيا اڳواڻ به موجود هئا.ھن چيو ته سنڌ نئين صوبي جي اشو تي سنڌ تمام گھڻي حساس آهي تنهنڪري اهڙيون ڳالهيون ڪري سياسي ماحول خراب نه ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جون ڳالهيون آئين جي خلاف آهن تنهنڪري ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جو مطالبو صوبي جي گادي واري هنڌ کي کسڻ ۽ سنڌ تي ون يونٽ لاڳو ڪرڻ جي برابر آهي۔ ھن چيو ته وفاقي وزير ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جا مطالبا ڪري رهيا آهن، ته ڇا وزيراعظم انهن وفاقي وزيرن کي ڇوٽ ڏئي رکي آهي؟ جيڪڏهن وزيراعظم اهڙي ڇوٽ ڏني آهي ته اهو قصور وزيراعظم جو سمجهيو ويندو.نثار کھڙو چيو ته سي سي آءِ اڳ ئي فيصلو ڏئي چڪي آهي ته صوبن جي اتفاق راءِ کانسواءِ تڪراري ڪينال نه ٺاهيو ويندو ۽ سنڌ کي درياءِ سنڌ تي ڪو به ڪينال قبول ناهي. ھڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فيصل واوڊا بيان ڏئي عوام کي گاري ڏني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.