ٻارن جي فحش وڊيوز تي 10 سال قيد جي سزا، سينيٽ ۾ بل منظور

اسلام آباد (بيورو) سينيٽ پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم جو بل منظور ڪري ورتو، ترميمي بل موجب وفاقي حڪومت انهن ملڪن سان ميچوئل ليگل اسسٽنس ٽريٽي ڪرڻ جي پابند هوندي، جن جون سوشل ميڊيا ايپليڪيشنون پاڪستان ۾ استعمال ٿين ٿيون، سينيٽ ۾ڏوهن بابت قانونن ۾ ترميم جو بل به منظور ڪيو ويو، جنهن تحت زيادتي جو شڪار ڇوڪرو يا ڇوڪري جو ميڊيڪل نه ڪرائڻ تي هڪ سال تائين قيد ۽ ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو، زيادتي متاثر شخص يا عورت کي فوري طور شروعاتي طبي امداد نه ڏيڻ تي سرڪاري يا نجي اسپتال خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته نجي اسپتال کي پابند ڪيو ويو آهي ته زيادتي متاثر کي 24 ڪلاڪن اندر سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو وڃي، سينيٽ انسداد اليڪٽرانڪ ڪرائيمز ترميمي بل به منظور ڪيو، جنهن تحت ٻارن جي فحش وڊيوز تي سزا 7 سالن مان وڌائي 10 سال ڪئي وئي، جڏهن ته ڏنڊ 50 لک رپين مان وڌائي هڪ ڪروڙ رپيا تجويز ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.