حاظم ڀنگوار اسسٽنٽ ڪمشنر آرام باغ مقرر، حددخليون هٽائڻ جو ٽاسڪ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ڪمشنر سيد حسن نقوي اسسٽنٽ ڪمشنر حاظم ڀنگوار کي اهم ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو. آرام باغ ۾ حد دخلين ۽ غير قانوني پارڪنگز خلاف آپريشن جي تياري جاري آهي ۽ ان ئي سلسلي ۾ حاظم ڀنگوار   کي خاص ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. اسسٽنٽ ڪمشنر پنهنجي بيان ۾ چيو ته آرام باغ ۽ ڀرپاسي جي علائقي کي مڪمل ڪليئر ڪيو ويندو، ڪنهن مافيا کي رهڻ نه ڏينداسين، هر ڪنهن خلاف سخت ايڪشن ٿيندو. هن چيو ته مان آفيسرن جي اعتماد تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندس. واضح رهي ته آڪٽوبر 2025 ۾ حاظم ڀنگوار کي بهترين اسسٽنٽ ڪمشنر جي ايوارڊ سان نوازيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.