اسلام آباد ۾ ٿيل دهشتگردي: پيرا ڪيڏانهن وڃن ٿا؟

شيراز پراچا

اسلام آباد ۾ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف ۽ سندس وفد جي موجودگي دوران ٿيل هڪ خودڪش حملي ۾ درجنين ماڻهن جي مارجڻ وارو واقعو، انهن وچ ايشيائي ملڪن لاءِ به هڪ سنجيده وارننگ ٿي سگهي ٿو، جيڪي پاڪستان جي رستي بحيره عرب تائين ۽ اتان وچ ايشيا تائين واپاري، معاشي ۽ دفاعي ڪوريڊور تعمير ڪرڻ جا خواهشمند آهن. اسلام آباد ۾ هن حملي کان رڳو هڪ ڏينهن اڳ قازقستان جو صدر پاڪستان جو اسٽيٽ وزٽ مڪمل ڪري واپس ويو هو. ان اهم دوري دوران پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ 37 مفاهمتي يادداشتن تي صحيون ڪيون ويون. پر پاڪستان ۾ امن امان جي بگڙيل صورتحال، افغانستان ۽ پاڪستان وچ ۾ دشمني، سرحدن جي بندش، ۽ خود افغانستان جي غير يقيني، غير مستحڪم ۽ نازڪ حالتن سبب، پاڪستان ۽ وچ ايشيائي ملڪن وچ ۾ ڊگهي مدي وارا، بامعنيٰ ۽ باهمي فائدي وارا معاشي، واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا قائم ڪرڻ انتهائي ڏکيو نظر اچي ٿو. پاڪستان جي وچ ايشيا تائين رسائي جو سڄو دارومدار افغانستان سان لاڳاپن تي آهي. افغانستان کي راضي ڪرڻا بنا پاڪستان نه ته زميني رستي وچ ايشيا تائين پهچي سگهي ٿو، نه اتان تيل، گئس يا ٻيون معدنيات حاصل ڪري سگهي ٿو. نه رستا ٺهي سگهن ٿا، نه ريلوي لائينون.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اڳ چيو ويندو هو، ۽ گهڻي حد تائين اهو درست به هو، ته خشڪي ۾ ڦاٿل افغانستان پنهنجي درآمدات لاءِ مڪمل طور پاڪستان، خاص طور ڪراچي بندرگاهه تي ڀاڙيندو هو. اهو ماضي ۾ هو، شايد اڄ به آهي، پر اُن وقت پاڪستان ۽ سوويت يونين وچ ۾ دشمني هئي. پاڪستان جي قيام کان اڳ، بلڪه سوويت يونين جي وجود کان اڳ زار روس جي دور ۾ به برطانوي هندستان ۽ روس وچ ۾ لاڳاپا خراب هئا. اڻويهين صدي ۾ ”گريٽ گيم“ جي نالي سان برطانيا هندستان جي سرزمين تان روس خلاف جدوجهد ڪندو رهيو، جنهن لاءِ افغانستان کي استعمال ڪيو ويو. تنهن ڪري ماضي ۾ پاڪستان کي روس يا سوويت يونين سان لاڳاپن جي ڪا خاص ضرورت محسوس نه ٿي. پاڪستان آمريڪا کي ئي پنهنجو سڀ ڪجهه سمجهي خوش رهندو هو. اڄ صورتحال بدلجي چڪي آهي. پاڪستان کي وچ ايشيا ۽ روس سان واپاري لاڳاپن جي سخت ضرورت آهي، پر اهو مقصد افغانستان جي مدد ۽ تعاون کان سواءِ حاصل نٿو ٿي سگهي. جڏهن ته پاڪستان ۽ افغانستان جا لاڳاپا انتهائي ڇڪتاڻ جو شڪار آهن. اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته افغان، چاهي طالبان هجن يا انهن جا مخالف، هڪ ڳالهه تي متفق آهن ۽ اها آهي پاڪستان جي مخالفت ۽ دشمني. اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان جو وچ ايشيائي ملڪن سان واپار ۽ ان رستي يوروشيا جي مارڪيٽن تائين رسائي جو خواب، خواب ئي رهندو، جيستائين پاڪستان ۽ افغانستان پنهنجا سڀ تڪرار حل نٿا ڪن.

وچ ايشيا سان سٺن لاڳاپن جي راهه ۾ ٻي وڏي رنڊڪ پاڪستان ۽ افغانستان ۾ پکڙيل مذهبي انتهاپسند سوچ آهي. اڳوڻيون سوويت رياستون ان سوچ کان چڱي ريت واقف آهن ۽ سوويت يونين جي دور ۾ ان ”جهادي سوچ“ جا نتيجا به ڀوڳي چڪيون آهن. پاڪستان ۾ اڄ به ڪجهه ماڻهو سوويت يونين کي ٽوڙڻ جو ڪريڊٽ ان سوچ کي ڏين ٿا. پاڪستان پاڻ کي اسلامي دنيا جي واحد فوجي سپر پاور سمجهي ٿو. پاڪستاني فوج جو نعرو ”جهاد في سبيل الله“ آهي، جيڪو جنرل ضياءَ الحق ڏنو هو. جنرل ضياءَ افغانستان ۾ سوويت يونين خلاف آمريڪي سي آءِ اي جي ترتيب ڏنل جهاد جي شروعات ڪئي، جنهن کي ضياءَ الحق کان پوءِ به سندس سياسي ۽ فوجي وارث جاري رکندا رهيا. پاڪستاني فوج پاڻ کي اسلامي فوج سڏي ٿي ۽ گذريل پنجاهه سالن کان پاڪستان کي هڪ مذهبي رياست بڻائڻ جي مشن تي عمل پيرا آهي. ان جي ابتڙ، وچ ايشيائي رياستون سوويت يونين جو حصو رهڻ سبب سيڪيولر آهن ۽ مذهبي انتهاپسندي جون سخت مخالف آهن. سوويت نظام جي ڪري انهن ملڪن ۾ خواندگي جي شرح 95 کان 99 سيڪڙو تائين آهي. هتي جا معاشرا گهڻ قومي ۽ گهڻ ثقافتي آهن. هاڻي اسلام به هتي جي ماڻهن جي ثقافتي سڃاڻپ جو حصو بڻجي رهيو آهي. جيتوڻيڪ ازبڪستان ۽ تاجڪستان ۾ مذهبي لاڙو وڌيو آهي، پر هتي جا ماڻهو پاڪستان جي مسلمانن وانگر انتهاپسند ۽ تنگ نظر ناهن.

وچ ايشيا ۾ ڪجهه ماڻهو مذهبي خيالن جا حامي ضرور آهن، جنهن جو سبب ڪجهه انتهاپسند گروهن جون سرگرميون آهن، پر پنجئي وچ ايشيائي رياستن جون حڪومتون مذهبي انتهاپسندي کي رياستي امن ۽ استحڪام لاءِ وڏو خطرو سمجهن ٿيون ۽ ان حوالي سان “زيرو ٽالرنس” پاليسي اختيار ڪيل آهي. ان ئي سبب وچ ايشيائي رياستن ۽ پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ لاڳاپا ايتري تيزي سان ترقي نه ڪري سگهيا آهن، جيتري ٿيڻ گهرجي ها. پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ڀارت ۽ وچ ايشيائي رياستن وچ ۾ لاڳاپا گهڻو وڌيڪ مضبوط ۽ گهرا آهن.

سڀني وچ ايشيائي رياستن ۾ امن امان جي صورتحال پاڪستان کان ڪيتري ئي بهتر آهي. پاڪستان ۾ تشدد، قتل و غارت ۽ عدم برداشت عام طرزِ زندگي بڻجي چڪا آهن، جڏهن ته وچ ايشيا جا عوام ۽ حڪومتون اهڙي لاقانونيت جو تصور به نٿا ڪري سگهن. پاڪستان ۾ بدامني جو بنيادي سبب اها معاشرتي سوچ ۽ انفرادي توڙي رياستي رويو آهي، جيڪو تشدد کي جائز قرار ڏئي ٿو. ان جي ابتڙ، وچ ايشيا سميت دنيا جي ٻين پڙهيل لکيل ۽ سياسي، سماجي طور مستحڪم ملڪن ۾ قانون جي بالادستي آهي ۽ بنا سبب تشدد کي انتهائي غلط ۽ ناقابلِ قبول سمجهيو وڃي ٿو.

پاڪستان ۾ حڪومت ۽ عوام لاءِ قتل و غارت، خودڪش حملا ۽ دهشتگردي جا واقعا ڄڻ معمول بڻجي چڪا آهن. هتي موت سستو ۽ قبوليل آهي. ماڻهو قدرتي موت مري، قتل ٿي وڃي، حادثي ۾ جان وڃائي، بم ڌماڪي ۾ مارجي يا فوج، پوليس يا دهشتگردن جي گولين جو نشانو بڻجي ـ سڀ ڪجهه قسمت جو لکيو سمجهي قبول ڪيو وڃي ٿو. تقليدي مولوي پڙهيل لکيل توڙي اڻ پڙهيل ماڻهن جي اهڙي ذهني تربيت ڪئي آهي جو غير فطري موت کي به لکيل نصيب سمجهي صبر کي فرض قرار ڏنو وڃي ٿو.

دنيا جي ٻين معاشرن ۾ موت کي سڀ کان وڏو سانحو سمجهيو وڃي ٿو. موت خوف جي وڏي علامت آهي، ڇاڪاڻ ته مرڻ کان پوءِ ڪو واپس نٿو اچي، ۽ غير مذهبي سوچ رکندڙن لاءِ اهو به يقين سان نٿو چئي سگهجي ته مرڻ کان پوءِ ڇا ٿيندو. ان ڪري دنيا جي اڪثر ماڻهن لاءِ موت ئي قيامت، سڀ کان ڏکوئيندڙ ۽ افسوسناڪ حقيقت آهي. سائنسدان موت تي ضابطو آڻڻ يا ان جي صورت تبديل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ انهن ڪوششن جا نتيجا اڃا نامعلوم آهن، پر ليبارٽريز ۾ انسان جي عمر 150 سالن کان وڌيڪ وڌائڻ ۾ ڪاميابيون مليون آهن. سائنس جي ترقي سان انساني اوسط عمر وڌي رهي آهي. اڄ ماڻهو 75 ۽ 80 ورهين جي عمر ۾ به صحتمند ۽ متحرڪ آهن. آمريڪا جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ 80 ورهين جي عمر کي پهچڻ وارو آهي، روس ۽ چين جا صدر به ستر کان مٿي آهن، پر مڪمل طور چست نظر اچن ٿا.

دنيا جا امير ترين ماڻهو موت تي ضابطو آڻڻ لاءِ کربين ڊالر تحقيق تي لڳائي رهيا آهن. جيتوڻيڪ سائنس کي ان ميدان ۾ اڃا گهڻو وقت لڳندو، پر اهي ڪوششون ظاهر ڪن ٿيون ته باشعور معاشرا زندگي کي سڀ کان قيمتي تحفو سمجهي ان جي حفاظت لاءِ سنجيده آهن. ان جي ابتڙ، اسلام جيڪو هڪ انسان جي قتل کي سڄي انسانيت جو قتل قرار ڏئي ٿو، ان ئي اسلام جي قلعو سڏجندڙ پاڪستان ۾ انساني رت سڀ کان سستو آهي ۽ مذهب جي نالي تي قتل عام معمول بڻيل آهي.

مغرب ۽ مشرق جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٻار پيدا نه ڪرڻ جو رجحان وڌي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته انسان ڄاڻي چڪو آهي ته موت جو علاج اڃا دريافت نه ٿيو آهي، پر نون انسانن جي پيدائش تي ڪنٽرول انسان جي هٿ ۾ آهي. ان ڪري ڌيان نوان ٻار پيدا ڪرڻ بدران موجود ماڻهن جي زندگي وڌائڻ ۽ بهتر ڪرڻ تي ڏنو پيو وڃي. چين ڪيترن ڏهاڪن تائين هڪ کان وڌيڪ ٻارن تي پابندي لڳائي رکِي، پر هاڻي آبادي گهٽجڻ جي خدشي سبب اها پابندي ختم ڪئي وئي آهي.

ان جي ابتڙ پاڪستان ۽ افغانستان ۾ صورتحال بلڪل الٽ آهي. هتي زور ٻارن جي پيدائش تي آهي. ننڍي عمر جون شاديون عام آهن. شادي جو مقصد زندگي ڪنهن هم خيال ساٿي سان گذارڻ نه، پر رڳو ٻار پيدا ڪرڻ بڻجي ويو آهي. اهڙيون شاديون بغير منصوبابندي ٻارن جي قطارن ٺاهڻ جون فيڪٽريون آهن، جن کي عين ثواب سمجهيو وڃي ٿو. جنهن رفتار سان پاڪستان ۾ آبادي وڌي رهي آهي، اهو هڪ ٽائيم بم آهي، پر حڪومت ۽ عوام ان کي سنجيده مسئلو ئي نٿا سمجهن. حقيقت ۾ تيزي سان وڌندڙ آبادي ئي پاڪستان جي پسماندگي ۽ مذهبي انتهاپسندي جو وڏو سبب آهي، ڇو ته غريب خاندان پنهنجا ٻار انهن مذهبي مدرسن حوالي ڪن ٿا، جيڪي انتهاپسندي ۽ فرقيوارانه نفرتن جا مرڪز آهن.

حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته هڪ پاسي پاڪستان ۽ افغانستان ۾ گهڻا ٻار پيدا ڪري نيون زندگيون آنديون وڃن ٿيون، ٻئي پاسي زندگي جي بي قدري به انتها تي آهي. پاڪستان ۾ ماڻهو چاليهه ورهين کان پوءِ ڏاڙهي وڌائي، تسبیح هٿ ۾ کڻي مرڻ جي تياري شروع ڪري ڏين ٿا، ۽ سٺ ورهين جي عمر کي زندگي جو خاتمو سمجهيو وڃي ٿو.

پاڪستان ۾ ماڻهو ڏينهن جا ڏينهن جنازن ۾ گذارين ٿا، جتي مولوي قبر جي زندگي جا احوال اهڙي نموني بيان ڪن ٿا، ڄڻ هو پاڻ قبر اندر جا منظر ڏسي آيا هجن. موت کي شهيد ٿيڻ جي نالي تي خوبصورت راند بڻايو ويو آهي. هر طبقي جا پنهنجا شهيد آهن، جن لاءِ موت اعزاز بڻجي ويو آهي. نتيجي ۾ ماڻهو زندگيءَ کان وڌيڪ موت ۽ مرڻ کان پوءِ واري زندگي بابت سوچين ٿا.

ان هوندي به مولوي حضرات گناهن کان بچڻ جا شارٽ ڪٽ به ٻڌائن ٿا. مثال طور طارق جميل جهڙا مولوي چون ٿا ته 99 گناهن کان پوءِ جيڪڏهن هڪ نيڪي ـ حج، عمره يا خيرات ـ ڪري وٺجي ته وڏو گنهگار به نئون ڄاول ٻار بڻجي وڃي ٿو. ملڪ رياض ۽ تبليغي چلا ڪاٽيندڙ ڪيترائي بدعنوان ۽ ظالم ماڻهو اهڙن ئي نسخن تي عمل ڪري پنهنجون بدمعاشيون جاري رکن ٿا.

مطلب اهو آهي ته دهشتگردي، جيڪا مذهبي انتهاپسند سوچ ۽ تربيت جو نتيجو آهي، رڳو فوجي آپريشنن، گرفتاريُن، سزائن، بيانن ۽ دعائن سان ختم نه ٿيندي. ان جون پاڙون اسان جي سوچ، گهريلو تربيت، تعليمي نظام ۽ نصاب ۾ آهن.

مذهبي انتهاپسندي ڪيتري گهري آهي، ان جو مثال خيبرپختونخوا جي ضلعي صوابي ۾ هڪ پوليس ايس ايڇ او جي تبادلي خلاف عوامي احتجاج آهي. طالبان حامي اهو ايس ايڇ او مختلف ضلعن ۾ ماڻهن کي گڏ ڪري تقريرون ڪندو رهيو، پوليس وردي ۽ طاقت جي زور تي اهڙيون هدايتون ڏيندو رهيو، جيڪي نه سندس اختيار هيون، نه قانون ۽ آئين پاڪستان سان مطابقت رکنديون هيون. جڏهن هن کي نوڪري مان ڪڍڻ بدران رڳو صوابي مان بدلي ڪيو ويو، ته هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا ۽ بدلي رد ڪرڻ جو مطالبو ڪرڻ لڳا. اهڙي سوچ ۽ روَيّي کان پوءِ به جيڪڏهن اسين پڇون ٿا ته خودڪش حملا ڇو ٿين ٿا ۽ دنيا اسان کان ڇو ڊڄي ٿي، ته اهو سوال پاڻ ئي پنهنجي جواب تي ٻڌل آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.