نتيجا ڏيندڙ جدوجهد ڪريو

سامي ميمڻ

اڄ جي دنيا هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙي موڙ تي اچي بيٺي آهي جتي طاقت، مفاد ۽ هٿيار انسانيت، اخلاقيات ۽ انصاف تي حاوي نظر اچن ٿا. آمريت رڳو فردن يا حڪومتن تائين محدود نه رهي آهي، پر هاڻ اها عالمي نظام جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي. عالمي طاقتور رياستون، خاص طور آمريڪا ۽ سندس اتحادي، نون روپن ۾ سامراجي پاليسين کي اڳتي وڌائي رهيا آهن. جنگيون، معاشي پابنديون، سياسي مداخلتون ۽ ثقافتي يلغار ذريعي صديون پراڻين قومن، رياستن، ثقافتن ۽ وسيلن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. اهڙين حالتن ۾ فطري وطن، قومن وسيلن ۽ سندن ڌرتيءَ جي وجود کي بچائڻ لاءِ صرف جذباتي نعرا ڪافي ناهن، پر نتيجا ڏيندڙ، منظم ۽ شعوري جدوجهد جي سخت ضرورت آهي.

سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ اهو خيال عام ٿيو ته دنيا هاڻ جمهوري قدرن، امن ۽ انساني حقن ڏانهن وڌندي، پر عملي طور ائين نه ٿيو. پراڻيون همدرد قوتون ڪمزور ٿي ويون آهن يا پنهنجي پاليسين ۾ تبديليون آڻي ويون آهن. هم خيال ملڪن جا بلاڪ ٽٽي رهيا آهن، جڏهن ته نوان فوجي ۽ معاشي اتحاد ٺهي رهيا آهن، جن جو بنيادي مقصد وسيلن تي قبضي ۽ عالمي بالادستي کي برقرار رکڻ آهي. وچ اوڀر، آفريقا، ايشيا ۽ لاطيني آمريڪا ان پاليسي جا سڀ کان وڏا شڪار رهيا آهن. عراق، فلسطين، افغانستان، شام ۽ يوڪرين جهڙا مثال واضع ڪن ٿا ته عالمي طاقتور قوتون قانون، قومن جي خودمختياري ۽ انساني جانين کي ڪيتري قدر نظرانداز ڪن ٿيون.

تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به قومن پنهنجي وجود، وسيلن ۽ سڃاڻپ لاءِ شعوري جدوجهد ڪئي آهي، تڏهن نتيجا نڪتا آهن. ويتنام جي آزاديءَ جي جنگ، ڏکڻ آفريقا ۾ نسلي امتياز خلاف تحريڪ، لاطيني آمريڪا ۾ سامراجي مداخلت خلاف مزاحمت ۽ هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ اهڙا مثال آهن، جتي منظم، فڪري ۽ عوامي بنيادن تي هلندڙ جدوجهد آخرڪار ڪاميابي ماڻي. انهن تحريڪن مان اهو سبق ملي ٿو ته صرف هٿياربند مزاحمت يا صرف سياسي ڳالهين سان مسئلو حل نٿو ٿئي، پر هر حالتن مطابق جدوجهد جا گهڻ رخي طريقا اختيار ڪرڻا پوندا آهن.

پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ به اندروني آمريت، مرڪزي بالادستي ۽ وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ سبب ننڍيون قومون خطري ۾ آهن. سنڌ، بلوچستان، خيبر پختونخواهه ۽ گلگت بلتستان جي ماڻهن جا مسئلا رڳو معاشي ناهن، پر انهن جو تعلق سڌو سنئون قومي سڃاڻپ، ڌرتيءَ جي وسيلن ۽ سياسي خودمختياري سان آهي. سنڌ ۾ پاڻي، زمين، بندرگاهون سامونڊي ٻيٽ ۽ قدرتي وسيلا آهستي آهستي مقامي ماڻهن جي هٿن مان نڪري رهيا آهن. اهڙين حالتن ۾ غير منظم احتجاج، وقتي ردعمل يا صرف جذباتي تقريرون ڪابه ڊگهي مدي واري ڪاميابي نٿيون ڏئي سگهن.

نتيجا ڏيندڙ جدوجهد لاءِ سڀ کان پهرين فڪري وضاحت ضروري آهي. قوم کي اهو واضح هجڻ گهرجي ته سندس مسئلو ڇا آهي، دشمن ڪير آهي ۽ مقصد ڪهڙو آهي. بنا واضح ايجنڊا جي هلندڙ تحريڪون جلد ٿڪجي پونديون آهن. ٻي اهم ڳالهه تنظيم آهي. مضبوط تنظيمي ڍانچو، شفاف قيادت ۽ گڏيل فيصلي سازي جدوجهد کي تسلسل ڏئي ٿي. ٽين ڳالهه عوامي شموليت آهي. جڏهن تحريڪ رڳو ڪجهه اڳواڻن يا مخصوص طبقي تائين محدود ٿي وڃي ٿي ته اها ڪمزور ٿي وڃي ٿي. عورتن، نوجوانن، هارين، پورهيتن ۽ شاگردن جي فعال شموليت بنا ڪا به تحريڪ ڪامياب نٿي ٿي سگهي.

اڄ جي دور ۾ جدوجهد رڳو ميدانن يا جلسن تائين محدود ناهي. علمي ڪم، تحقيقي مضمون، ڪتاب، ڊاڪيومينٽريز ۽ سوشل ميڊيا هڪ نئين محاذ جي حيثيت اختيار ڪري چڪا آهن. مظلوم قومن کي گهرجي ته هو پنهنجي ڪيس کي عالمي سطح تي دليلن ۽ حقيقتن سان پيش ڪن. عالمي انساني حقن جا ادارا، آزادي پسند تحريڪون ۽ آزاد ميڊيا اهڙا فورم آهن، جتي پنهنجو آواز پهچائي سگهجي ٿو. فلسطين جي جدوجهد ۾ سوشل ميڊيا جو ڪردار ان جو چٽو مثال آهي. حالتن مطابق چونڊ هر جدوجهد لاءِ هڪڙو ئي طريقو لاڳو نٿو ٿي سگهي. ڪٿي عدم تشدد اثرائتو ثابت ٿئي ٿو ته ڪٿي مزاحمت جا ٻيا طريقا اختيار ڪرڻا پون ٿا. اهم ڳالهه اها آهي ته جدوجهد اخلاقي جواز، عوامي حمايت ۽ واضح مقصدن سان هجي. بي مقصد تشدد قومن کي ڪمزور ڪري ٿو، جڏهن ته شعوري ۽ حڪمت عملي سان ڪيل مزاحمت طاقتور قوتن کي به پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿي اڄ جي دنيا ۾، جتي آمريت، جنگ ۽ سامراجي مفاد غالب آهن، اتي فطري وطن ۽ قومن جي بقا لاءِ نتيجا ڏيندڙ جدوجهد وقت جي اهم ترين ضرورت بڻجي چڪي آهي. اها جدوجهد جذبات کان وڌيڪ شعور، نعرا کان وڌيڪ حڪمت عملي ۽ ردعمل کان وڌيڪ ڊگهي مدي واري سوچ تي ٻڌل هجڻ گهرجي. جيڪڏهن قومون تاريخ مان سبق سکي، علم، تنظيم ۽ اتحاد سان اڳتي وڌن، ته ناممڪن کي ممڪن بڻائي سگهن ٿيون. ڇو ته تاريخ هميشه انهن جو ساٿ ڏنو آهي، جيڪي پنهنجي ڌرتي، وسيلن ۽ سڃاڻپ لاءِ سنجيدگي ۽ ثابت قدمي سان وڙهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.