اسلام آباد(بيورو)وفاقي وزير دفاع خواجا آصف چيو آهي ته نائن اليون جي حقيقتن جو اڃا تائين پتو نه لڳي سگهيو آهي، پر ان ۾ ڪو به افغان، پشتون يا هزارا ملوث نه هو. سانحي کان پوءِ اسان ٻه ڪرائي تي جنگيون وڙهيون ۽ پوءِ اسان کي استعمال ڪري ڇڏيو ويو.قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته اپوزيشن ليڊر ۽ راجه پرويز اشرف جي ڳالهين سان گهڻو اختلاف ناهي. هڪ دور ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ويزا جو نظام نه هو، اجازت نامي تي ويندا هئا، ۽ مان پاڻ به بغير ويزا جي افغانستان ويس.هن چيو ته اڄ تائين اسان پنهنجو نصاب واپس نه آڻي سگهياسين ۽ سڄي تاريخ تبديل ڪئي، آمريڪين اسان کي ڇڏي ڏنو پر اسان کي عقل نه آيو،خواجه آصف چيو ته نائن اليون افغانستان نه ڪيو، پر ان کان پوءِ اسان ڪرائي تي جنگيون وڙهندا رهياسين،هڪ شخص آمريڪا جي خوشنودي لاءِ ملڪ کي آمريڪا جي فرنٽ لائن اسٽيٽ بڻائي ڇڏيو،هن چيو ته جيستائين اسان ماضي جي غلطين جو اعتراف نه ڪنداسين، اڳتي نه وڌي سگھون،هن چيو ته ماضي جي چار کان پنج آمريڪي صدرن 10 کان 12 ڪروڙ مسلمان ماريا آهن،انهن ته معمر قذافي جي پٽ کي به بخش نه ڪيو، افغانستان ۾ پاڪستان ڪنهن جهاد لاءِ نه ويو، ڇاڪاڻ ته اها هڪ سپر پاور جي جنگ هئي، جنهن کان پوءِ اسان کي استعمال ڪري ڦٽو ڪيو ويو،خواجه آصف چيو ته مان هن ايوان ۾ پنهنجي والد جي ڪيل ڪم جي معافي ورتي آهي، اعجاز الحق خبر ناهي هن ايوان ۾ منهنجي باري ۾ ڇا چيو؟هن چيو ته ڀارت افغانستان جي پٺيان لڪي پاڪستان تي حملا ڪري رهيو آهي،جڏهن ته پاڪستان ڪڏهن به افغانستان خلاف جارحيت ناهي ڪئي، اختلاف پنهنجي جاءِ پر دهشتگردي خلاف متحد ٿيڻ هر شهري جو فرض آهي،اڄ به ڪجهه حلقا دهشتگردي جي واضح مذمت نٿا ڪن،قائداعظم اتحاد، تنظيم ۽ ايمان جو درس ڏنو، پر اسان ايمان، اتحاد ۽ تنظيم ڪري ڇڏيو. اسان غير ملڪي حملا آورن جا نالا رستن تي رکيا.جڏهن ته قومي اسيمبلي اسلام آباد ڌماڪي خلاف مذمتي قرارداد منظور ڪري ڇڏي،قرارداد ۾ چيو ويو ته ايوان هن وحشياڻي دهشتگردي کي قومي سلامتي تي سڌو حملو قرار ڏئي ٿو،سانحي ۾ ملوث خودڪش حملي آور،سهولتڪارن ۽ منصوباسازن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي،متن موجب ڪالعدم تنظيمن،انهن جي نيٽ ورڪس،فنڊنگ خلاف بنا فرق ۽ فيصلائتي ڪارروائي ڪئي وڃي،سوشل ميڊيا پروپيگنڊا تي بنا فرق ڪارروائي ڪئي وڃي،