قومي اسيمبلي ۾ دهشتگردي تي بحث، ميمبرن جي تمام گهٽ حاضري!

اسلام آباد(رئوف ڪلاسرا) بلوچستان،ڪي پي ۽ اسلام آباد ۾ دهشتگردي تي بحث دوران قومي اسيمبلي ۾ سرڪاري بئنچن تي 15-16 ۽ اپوزيشن جا 11-12 ايم اين ايز موجود هئا، 340 ميمبرن مان رڳو 30 ايم اين ايز ايوان ۾ هئا،سٺ ستر ميمبرن جي ڪابينا ۾ رڳو خواجا آصف موجود هو،هائوس ۾ ڪورم به پورو نه هو تڏهن به بحث هلي رهيو هو،اندازو ڪريو ته رڳو ٻن سالن ۾ هن پارليامينٽ ۾ خود ان جي وزيراعظم،ڪابينا وزيرن ۽ ٽي سئو کان وڌيڪ ميمبرن جو دل ڪيترو ڀرجي چڪو آهي،ان کان وڌيڪ فارغ پارليامينٽ 2002ع کان ناهي ڏٺي،وزيراعظم شهبازشريف هن پارليامينٽ کي مڪمل فارغ ڪري چڪو آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 10 جنوري 2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.