گٽر ۾ ٻار جي فوت ٿيڻ واري واقعي تي ڪنڌڪوٽ عدالت ۾ پٽيشن داخل

ڪنڌ ڪوٽ (ڊ ر) ڪنڌڪوٽ ۾ کليل گٽر ۾ ڪريل فوت ٿيل معصوم ٻار عبدالقدير ميراڻي جي واقعي تي ڊسٽرڪٽ  بار جي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار چاچڙ ڊسٽرڪٽ سيشن جي عدالت ۾ سي ايم او مقصود جتوئي  ٽي ايم او ۽ عملدارن خلاف پٽيشن داخل ڪرائي، جنهن تي عدالت ڄاڻايل ماڻهن کي اڄ طلب ڪري ورتو، 22 اي جي درخواست ڪندڙ ڊسٽرڪٽ بار جي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار چاچڙ ٻڌايو ته شھر مڪمل گندگي جي ور چڙهيل آهي، رستن تي گندو پاڻي بيٺل آهي، کليل گٽر عوام لاءِ موت جو کوهه بڻيل آهن جنهن ڪري ھي دردناڪ واقعو پيش آيو آهي، معصوم  بار عبدالقدير ميراڻي کليل گٽر ۾ ڪري زندگي وڃائي ويٺو، کليل گٽر ميونسيپل انتظاميا جي نااھلي ۽ وڏي غفلت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.