ڪنڌڪوٽ ۾ ڦر مزاحمت تي قتل ٿيل ايس يو پي ڪارڪن جي خون جو نبيرو، 62 لک ڏنڊ

ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌ ڪوٽ ۾ ڏوھارين ھٿان ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل ايس يو پي ڪارڪن نوجوان وقار بنگوار جي خون جو نيبرو، ڏوھاري جوابدارن تي مجموعي 62 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو، ان  سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته نو مھينا اڳ انڊس هاءِ وي تي ھٿياربند ٽولي جنهن جو تعلق به بنگوار برادري سان ٻڌايو ويو ڊاٽسن کي روڪڻ لاءِ سڌا فائر ڪيا ويا گوليون لڳڻ سبب ايس يو پي ڪارڪن ڊاٽسن ڊرائيور وقار احمد بنگوار قتل ٿي ويو هو جنهن جو نيبرو سردار احمد علي بنگوار ۽ سردارز نياز علي بنگوار جي سرپئنچي ۾ ٿيو جنهن ۾ خون جو عيوضو 25 لک ناجائز قتل ڪرڻ تي 25 لک، خرچ جا ست لک، ڦر ڪرڻ تي پنج لک ٽوٽل 62 لک رپيا قاتل ڌر تي رکيو ويو جنهن ۾ ٽي لک معاف ڪيا ويا، ڇهھ لک رپيا موقعي تي ادا ڪيا ويا، باقي رقم ٽن قسطن ۾ ھر ٽن مھينن ۾ قسط ادا ڪئي ويندي نيبري بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون، ان حوالي سان سردار احمد علي خان بنگوار ۽ سردار نياز علي خان بنگوار جو چوڻ آهي ته ذاتي دشمنيون ختم ڪرڻ لاءِ نيبرو ڪرايو آهي بنگوار برادري سميت ٻين سان بنگوارن جا خوني تڪرار ھلي رھيا آهن، انهن جهيڙن بابت به ٺاهه جون ڪوششون ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.