ڪراچي ايئرپورٽ تي مسافرن جون ڊگهيون قطارون،سنڌ حڪومت ۽ ايف آءِ اي تي تنقيد

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ڪراچي ڊگهن ايئرپورٽ قطارن، پاڻيءَ ۾ ٻڏل گهٽين ۽ ڀڳل ٽٽل روڊن سبب وڌندڙ مايوسين کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن ڪري وفاقي حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻي هيٺ سنڌ حڪومت وچ ۾ تيز الزام تراشي ٿي رهي آهي،سوشل ميڊيا تي سنڌ حڪومت تنقيد جو نشانو بڻيل آهي، پر صدر آصف علي زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري ٽوئيٽر تي جواب ڏنو آهي ته ايئرپورٽ وفاقي ادارن جهڙوڪ ايف آءِ اي ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس ۽ پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي (PAA)—جي ذميواري هيٺ اچن ٿا،سينئر صحافي عباس ناصر ٽوئيٽ ڪيو ته ڪراچي سان قومي ۽ صوبائي سطح جي سڀني اسٽيڪ هولڊرز طرفان ٿيندڙ لاپرواهي سراسر زيادتي آهي۔ پيپلز پارٽي کي اهو سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن سونا آنا ڏيندڙ ڪڪڙ مري و ئي ته سڀ کان وڏو نقصان پاڻ پيپلز پارٽي کي ٿيندو۔ اها ايتري به سگهه نٿي رکي جو وفاق کان وڌيڪ اميگريشن عملي جي پوسٽنگ ڪرائي سگهي۔بختاور ڀٽو زرداري کيس جواب ڏنو ته ڪو ماڻهو پاڻ کي “صحافي” ڪيئن سڏي سگهي ٿو، جڏهن کيس ايتري به نه خبر هجي ته ايئرپورٽ وفاق جي انتظام هيٺ هوندا آهن،احمد گھمن لکيو ته مرتضيٰ وهاب جون 2023 ۾ ميئر بڻيو، جڏهن ته ڪراچي جا مسئلا چار ڏهاڪن دوران پيدا ٿيا آهن۔ شهر جو لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو حصو وفاقي ۽ خودمختيار ادارن جي ڪنٽرول هيٺ آهي، جنهن سبب ميئر وٽ رڳو 30 کان 40 سيڪڙو علائقن تي اختيار آهي،عائشه اعجاز خان لکيو ته لاهور ۽ ڪراچي جا ٻئي هوائي اڏا انتهائي خراب حالت ۾ آهن،طاهر عمران لکيو ته مان ڪافي عرصي کان چوندو پيو اچان ته سول ايوي ايشن اٿارٽي جيڪا هڪ ئي وقت ريگيوليٽر ۽ آپريٽر آهي، ٽوڙڻ گهرجي۔پر بابوئن ۽ رٽائرڊ ايئر فورس وارن پراڻي شراب کي نئين بوتل ۾ وجهي پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جي نالي سان پيش ڪيو۔ ربيعه گلزار لکيو ته ڪراچي جو جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ آهستي آهستي اهڙي جاءِ بڻجي ويو آهي، جيڪا عالمي مسافرن لاءِ شرمندگي ۽ پاڪستاني شهرين لاءِ روزانو تذليل جو سبب بڻجي چڪي آهي مسافر بار بار ايئرپورٽ عملي کي مسئلو ٻڌائڻ کان ٿڪجي ويا آهن، پر ان کي درست ڪرڻ جي ڪا تياري يا صلاحيت ناهي۔مسافر روزانو 2 کان 4 ڪلاڪ صرف اميگريشن صاف ڪرڻ ۾ گذارين ٿا۔ڊاڪٽر شهناز خان لکيو ته رڳو ڪراچي ايئرپورٽ جو مسئلو ناهي، سڄو شهر ئي خراب انتظام هيٺ آهي،مهوش اعجاز لکيو ته هي نظام نهايت خراب آهي۔ سڄو نظام ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي۔ هر شعبي ۾ مقرريون ميرٽ جي بنياد تي نه ٿينديون آهن، عمر آر قريشي لکيو ته ڪراچي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي صبح 3 وڳي اميگريشن لائن اهڙي حالت ۾ هئي،!ايف آءِ اي پاسپورٽ وارا شايد سُتا پيا هجن، يا جيئن عام طور تي ڪندا آهن، صرف 1-2 ڪائونٽر کوليا هوندا آهن۔محسن نقوي جي دوري باوجود اڃان به ڪا تبديلي ناهي آئي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.