اسلام آباد ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل رتيديري واسي شهيد

اسلام آباد/رتوديرو (عوامي آواز رپورٽ) اسلام آباد ۾ ترلائي آپگهاتي ڌماڪي جو وڌيڪ هڪ زخمي شهيد ٿي ويو. علي نقي ٻوسڻ 2 ڏينهن کان خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. علي نقي جو پيءُ فرمان علي بوسڻ ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويو هو، ٻنهي شهيدن جو واسطو رتيديري سان هو. امام بارگاهه قصر خديجه الڪبريٰ تي ٿيل آپگهاتي حملي کانپوءِ پوليس غفلت ۽ ناقص سڪيورٽي انتظامن تي ايس ايڇ او  شهزاد ٽائون ٿاڻي کي معطل ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب، حساس هنڌن جي لسٽ ۾ هجڻ باوجود امام بارگاهه جي سڪيورٽي اطمينان جوڳي نه هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.