ملڪ ۾ سون هزارين رپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ هزارين رپين جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن في تولو سون 5 هزار 300 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 5 لک 24 هزار 762 رپين جو ٿي ويو آهي.
ان کانسواءِ 10 گرام سون 4 هزار 544 رپيا واڌ کانپوءِ 4 لک 49 هزار 898 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 53 ڊالر اضافي سان 5 هزار 20 ڊالر ٿي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.