رمضان المبارڪ دوران ڪراچي ۾ موسم ڪيئن رهندي؟ موسميات کاتي ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نئين اولهه سسٽم تحت بلوچستان ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي پر ڪراچي تي ان جو گهڻو اثر نه پوندو.
موسميات کاتي موجب بلوچستان ۾ امڪاني برسات ۽ برفباري جا ڪراچي تي غير معمولي اثر نه پوندا، گرمي پد ۾ هڪ کان ٻه ڊگري تائين لاٿ ٿي سگهي ٿي.
شهر ۾ هلندڙ يا ايندڙ مهيني ٿڌ جي نئين لهر اچڻ جو ڪو امڪان ناهي، جڏهن ته ان دوران ڏينهن ۽ رات ٿڌي محسوس ٿي سگهي ٿي.
موسميات کاتي موجب رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ به ڪراچي جي موسم موجوده موسم جهڙي رڪارڊ ٿي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.