دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي هال آف فيم ۾ شامل اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان رڪي پونٽنگ ۽ مشهور ڀارتي ڪامينٽيٽر روي شاستري پاڪستان جي اسٽار بيٽر بابر اعظم جي تازي غير مستقل ڪارڪردگي تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 جي افتتاحي ميچ ۾ نيڌرلينڊز خلاف بابر اعظم 18 بالن تي رڳو 15 رنسون ٺاهيون، جنهن تي ٻنهي اڳوڻن ڪرڪيٽرن ڳڻتي ظاهر ڪئي.
آءِ سي سي ريويو پروگرام ۾ ڳالهائيندي رڪي پونٽنگ چيو ته جيڪڏهن ڪو بيٽر 18 بالن تي 15 رنسون ٺاهي ٿو ته اهو نه رڳو پاڻ دٻاءَ ۾ اچي ٿو، پر ٻئي اينڊ تي موجود بيٽر تي به دٻاءُ وڌائي ٿو.
هن چيو ته بابر کي اننگز جي شروعات ۾ ئي بائونڊريون هڻڻيون پونديون نه ته ٽيم جو مومينٽم متاثر ٿيندو.
روي شاستري به بابر تي وڌندڙ دٻاءَ جو ذڪر ڪندي چيو ته ڪيريئر جي هن مرحلي تي اميدن جو بار رانديگر کي متاثر ڪري ٿو.
هن چيو ته بابر کي شروعاتي بالن تي جارحاڻو انداز اختيار ڪرڻو پوندو، ڀلي ان ۾ سندس آئوٽ ٿيڻ جو خطرو ڇو نه هجي.
روي شاستري خبردار ڪيو ته جيڪڏهن بابر جلد پاڻ کي ايڊجسٽ نه ڪيو ته مٿس سوال وڌندا ويندا، ڇو ته ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ وچ وارا اوور تمام اهم هوندا آهن ۽ اتي وقت وڃائڻ جي ڪا به گنجائش نه هوندي آهي.
رڪي پونٽنگ نيڌرلينڊز خلاف بابر کي چوٿين نمبر تي بيٽنگ ڪرائڻ کي به دٻاءَ ۾ اضافي جو سبب قرار ڏنو ۽ صلاح ڏني ته کيس ٻيهر نمبر ون ڊائون تي بيٽنگ ڪرائي وڃي ته جيئن هو پاور پلي دوران فيلڊنگ پابندين جو ڀرپور فائدو وٺي سگهي.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن بابر جي پاور ۾ گهٽتائي آئي آهي ته ٽيم کي کيس وڌيڪ سازگار حالتون مهيا ڪرڻ گهرجن.
هن چيو ته پاڪستان کي اهو وڏو فيصلو ڪرڻو پوندو ته بابر کي ٽيم ۾ برقرار رکيو وڃي يا نه ڇو ته ٽورنامينٽ ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ پاڪستان کي بابر اعظم جو بهتر ورزن گهربل آهي.
واضح رهي ته پاڪستاني ٽيم پنهنجي ايندڙ ميچ 10 فيبروري تي ڪولمبو ۾ آمريڪا خلاف کيڏندي.