لاهور)ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ميچ بابت اڄ ڪنهن به اڳڀرائي جو امڪان ناهي.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي)، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ وچ ۾ پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف ميچ جي بائيڪاٽ بابت ٿيندڙ ڳالهيون گذريل رات ختم ٿي ويون، جنهن کانپوءِ ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ وڏي بريڪ ٿرو جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي جي اڄ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات جو به امڪان آهي، جنهن ۾ محسن نقوي کيس گذريل ڏينهن ٿيندڙ ڳالهين بابت آگاهي ڏيندو ۽ ايندڙ حڪمت عمليءَ لاءِ هدايتون به وٺندو.
ڀارتي ميڊيا جي دعويٰ آهي ته آءِ سي سي پاڪستان کي سومر 9 فيبروري تائين ڊيڊ لائن ڏني آهي ته پاڪ-ڀارت ميچ بابت فيصلو ڪيو وڃي.
پر هاڻي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪ-ڀارت ميچ بابت اڄ ڪنهن به اڳڀرائي جو امڪان ناهي، جڏهن ته امڪان آهي ته پاڪ ڀارت ميچ بابت فيصلو 12 فيبروري تي ڪيو ويندو.
ياد رهي ته حڪومت پاڪستان جي هدايت تي پي سي بي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ ڀارت خلاف ميچ نه کيڏڻ جو فيصلو ڪيو هو.